18 جمعہ , جنوری 2019

ڪراچي ۾ فريادي هٿان پوليس جي موجودگي ۾ جوابدار قتل، فائرنگ، 4 اهلڪار گرفتار

Karachi: killed two target killers in the police encounterڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پوليس جي نگراني ۾ جوابدار ڄاڻايل نوجوان مارجي ويو، جوابدار گرفتار، ايڊيشنل ايس ايڇ او سميت پوري پوليس پارٽي سوگهي ڪئي وئي، گذريل ڏينهن ڪراچي جي بهادر آباد نيو ٽائون واري علائقي ۾ درخشان پوليس عدالتي حڪم تي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ آئي، کيس گرفتار ڪيو ته نشاندهي لاءِ گڏ مدعي پسٽل ڪڍي نوجوان تي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوليس ڏسندي ئي رهجي وئي، پوليس موجب مدعي سهيل مغل درخشان ٿاڻي تي زال ۽ ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جوابدار منور علي پٽ معروب علي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن تي مقامي عدالت پوليس کي جوابدار پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، مدعي سهيل مغل درخشان ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او راجا تنوير سان گڏ بهادر آباد واري علائقي ۾ شريف آباد مسجد ويجهو جوابدار منور علي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيو، ان حوالي سان ايس پي گلشن طاهر نوراني ٻڌايو ته درخشان ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او راجا تنوير سميت 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي سندن خلاف غفلت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته جوابدر سهيل ۽ مقتول منور جو پاڻ ۾ 2 سالن کان خانداني جهيڙو هلندڙ هو ڪيس به عدالت ۾ هلي رهيو هو، پوليس مدعي کي صرف گهر ڏيکارڻ لاءِ کڻي آئي ان وٽ لائيسنس وارو پسٽل هو جيڪو پوليس کي چيڪ ڪرڻ گهرجي ها، ٻئي پاسي مقتول منور علي جي ڀاءُ ٻڌايو ته گهر هئس ته ٻاهران 3 چار فائر ۽ ٻاهر نڪتس ته ڀاءُ منور زمين تي پيل هو، مان رڙيون ڪري پوليس کي چيو ته اسپتال کڻو پر هنن اسپتال بجاءِ ٿاڻي کڻي وئي جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ مري ويو، هوڏانهن سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پڻ مدعي سهيل کي مقتول منور تي گوليون هلائيندي ڏسي سگهجي ٿو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے