19 ہفتہ , جنوری 2019

ان هائوس تبديلي غير آئيني ناهي، ڪيئي ايم پي اي رابطي ۾ آهن: جي ڊي اي

گهوٽڪي/خانپور مهر(رپورٽ: آزاد مهر/ميهر مهر) جي ڊي اي سنڌ ۾تبديلي لاءِ سرگرم ٿي ويو، اڳواڻن چيو آهي ته ان هائوس تبديلي غير قانوني نه هوندي، جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳارو جي اڳواڻي ۾ جي ڊي قيادت ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهتي،جنهن ۾ پيرصدرالدين شاهه،اياز لطيف پليجو،حسنين مرزا،ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم،عرفان الله مروت، غلام مرتضيٰ جتوئي ،غوث بخش خان مهر ،۽ ٻيا شامل هئا خانڳڙهه جي گوهر پئلس ۾ جي ڊي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي جي سڪريٽري جنرل اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جي آبادگارن کي ديوار سان لڳايو ويو آهي ،سنڌ مسئلن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي ،هن چيو ته پاڻي جي ورڇ منصفاڻي طريقي سان ٿيڻ گهرجي ،واپڊا ۽ ارسا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيا ڏين ،اياز لطيف پليجو چيو ته جي ڊي اي سنڌ ۾ ڪنهن به غيرآئيني قدم جي حمايت نه ڪندي سنڌ ۾ آئيني طريقي سان تبديلي آئي ته جي ڊي اي ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ،سنڌ جا درجنين ايم پي ايز جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳارو ۽ سردار علي گوهر خان مهر سان رابطي ۾ آهن ،اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ جيڪا به پاليسي ٺهندي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ٺاهيندي ،جي ڊي اي وفاق ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ آهي ،اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي تنظيم سازي پڻ گهوٽڪي کان شروع ڪري ڇڏي آهي سنڌجي مختلف ضلعن ۾ تنظيم سازي جي حوالي سان اجلاس ڪوٺايا ويندا ،هن چيو ته سنڌ جي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڀني ضلعن ۾ تنظيم ميمبر شپ لاءِ اجلاس ڪوٺايا ويندا جي ڊي اي چاهي ٿي ته پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ ٿئي ،پاڪستان جا سڀئي فورم ڪرپشن جي خلاف آهن ،جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ان هائوس تبديلي غيرآئيني طريقي سان نه ايندي،جي ڊي اي ڪنهن به غيرآئيني تبديلي جو حصو نه بڻجندي،هن چيو ته زرداري پارٽي ۾ ايتري طاقت ناهي جو هو اسلام آباد تي چڙهائي ڪن،هو گهوٽڪي ۾ چڙهائي جيتري طاقت به نه ٿا رکن، سردار علي گوهر خان مهر چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان کان خانڳڙه آمد جي موقعي تي سنڌ لاءِ وڏي پئڪيج جي گهر ڪنداسين ،گهوٽڪي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي پڻ گهر ڪنداسين علي گوهر مهر چيو ته 1993 ۾ گهوٽڪي ۾ گئس جو پهريون کوهه مليو هن مهل تائين اسان گهوٽڪي واسين کي قدرتي نعمتن جو ڪو به فائدو نه مليو ضلعي جا ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين گئس جي سهوليت کان پڻ محروم آهن گهوٽڪي 50 سيڪڙو گئس ۽ تيل جي رائلٽي ڏئي ٿوپر موٽ ۾ گهوٽڪي واسين کي ڪجهه به نه مليو آهي اڳوڻي وزيراعلي سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته عمران خان هڪ سٺو انسان آهي ۽ محنت ڪش انسان آهي ،جنهن طريقي سان عمران خان ڪم ڪري ٿو ان کي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽائيم ڏنو وڃي ،اسين سڀ ڪرپشن خلاف احتساب جي عمل ۾ عمران خان سان گڏ آهيون عمران خان سنڌ جي دوري تي اچي رهيو آهي سنڌ جا سمورا مسئلا ان جي اڳيان رکنداسيين .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے