18 جمعہ , جنوری 2019

وفاقي وزيرن جي داخلا تي بندش ناهي، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ کي لوهي هٿن سان چٿيو ويندو: مراد شاهه

سکر(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن به وفاقي وزير جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي ناهي، عمران خان سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي جتي چاهي اچي وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته مونکي سرڪاري دوري ۽ ڀلي پار ڏانهن سڏ تي پرڏيهه وڃڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن اهڙو اظهار سکر ۾ پ پ سکر ڊويزن جي صدر سيد جاويد علي شاهه جيلاني جي فرزند جي شادي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته اي سي ايل ۾ نالو شامل ٿيڻ جي پرواهه ناهي ڇوته في الحال ٻاهر وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏهن سرڪاري دوري تي يا حج ۽ ڪربلا مان سڏ ٿيو ته مونکي وڃڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو، تنهن هوندي به اسانکي عدالتن تي پورو يقين آهي ته رليف ملندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به وفاقي وزير جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي ناهي ميڊيا انهن جا اخلاق کان ڪريل لفظ ٻڌي هلائي ڇوٿي جيڪڏهن ميڊيا کين پروموٽ ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته اُهي پاڻ ئي چُپ ٿي ويندا. سيد مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان پارٽي موقف سامهون اچي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي عوام جو آصف علي زرداريءَ تي پورو يقين ۽ اعتماد آهي، اهڙي ريت عوام ۽ پيپلزپارٽي جو رشتو اڻٽٽ آهي جيڪو ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي. وڏي وزير چيو ته هميشه پ پ مخالف قوتن جي پٺڀرائي ٿيندي رهي آهي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ڇا به ڪنهن اهي اسانجي سامهون نه بيهي سگهندا ۽ عوام ۽ پيپلزپارٽي سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ قوتن کي مضبوط هٿن سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گهڻي حد تائين دهشتگردي گهٽجي چڪي آهي ۽ اهو سڀ پوليس ۽ رينجرس جي قربانين ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته جيستائين پارٽي قيادت ۽ عوام جو اعتماد آهي سنڌ حڪومت خلاف ڪابه سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي اهو وفاق وارا ٻڌائين ته اُهي مونکان ڊنل ڇو آهن،

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے