18 جمعہ , جنوری 2019

اي پي ايس سانحي ۾ زخمي ٿيل شاگرد کي برطانيا جي ” پوائنٽ آف لائٽ “ ايوارڊ سان نوازيو ويو

APS attack survivor given ‘Point of Light’ award by UK PMلنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي وزيراعظم ٿريسامي طرفان آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ زخمي ٿيل شاگرد احمد نواز جي علم دوستيءَ ۽ انتها پسندي خلاف ذڪر جوڳي ڪاوشن تي کيس ” پوائنٽ آف لائٽ “ ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.  برطانيا جي شهر برمنگهم ۾ تعليم حاصل ڪندڙ احمد نواز ان ڳالهه جو اعلان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ذريعي ڪيو.  18 ورهين جي احمد فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم آفيس 10 ڊائوننگ اسٽريٽ طرفان جاري ڪيل خط جي تصوير پڻ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ کيس ” پوائنٽ آف لائٽ ايوارڊ “ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. خط موجب پاڪستان ۾  اي پي ايس اسڪولي تي دهشتگردن جي حملي ۾ بچي ويل احمد کي طالبان طرفان قتل جون ڌمڪيون پڻ مليون، پر ان باوجود سندس حوصلي ۾ ڪا ڪمي نه آئي آهي ۽ هو پنهنجي تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ سموري آمريڪا جي اسڪولن جا دوري ڪري پنهنجو پيغام پکيڙي رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل سال احمد نواز کي عالمي جنرل سرٽيفڪيٽ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ( جي سي ايس اي ) امتحانن ۾ 6 اي پلس ۽ 2 ايز حاصل ڪري انوکو اعزاز پڻ حاصل ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے