18 جمعہ , جنوری 2019

پرڏيهي اثاثن جو ڪيس: ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيڻ تي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار پرڏيهي اثاثن جي ڪيس دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا ٿين تن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ پرڏيهي اثاثن ۽ بئنڪ اڪائونتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي 895 ماڻهن جي ڊيٽا فراهم ڪئي، جون دبئي ۾ 1365 ملڪيتون هيون، هن وقت تائين رڳو 27 ماڻهن ادائيگيون ڪيون آهن ۽ هنن کان 270 ملين کان وڌيڪ رڪوريون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته  768 ملين جون وڌيڪ رڪوريون ٿينديون، اهڙي نموني مجموعي طور هڪ ارب کان وڌيڪ رڪوريون ٿينديون، 116 ماڻهن ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو، هنن 38 ارب رپين جون ملڪيتون ظاهر ڪيون،  125 ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا، عليما خان ايمنسٽي اسڪيم ۾ ملڪيت ظاهر نه ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪا ڊيٽا فراهم ڪئي وئي،  ان موجب ايف بي آر جي رڪورين جي رفتار گهٽ آهي،  ايف بي آر کي شريفن جون ٿاڻو چيو ويندو آهي، هن وقت تائين شريفن کي اندر ويهارڻ گهرجي ها، جيڪي ماڻهو ايف بي آر اڳيان پيش نه ٿيا آهن سندن ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن جيڪي ماڻهو پرڏيهي ملڪيتون قبول ڪري چڪا آهن اهي ڏنڊ ادا ڪن ته جيئن پاڪستان جي حالت بهتر هجي، عدالت نوٽيس نه وٺي ها ته ايف بي آر اڄ ڪريل رهي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے