18 جمعہ , جنوری 2019

جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ جي ڪيس ۾ وفاق ۽ صوبن جون رپورٽون رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ جي ڪيس ۾ صوبن ۽ وفاق جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ جر جي پاڻي جي استعمال تي صوبن طرفان ٽيڪس لڳائڻ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.  عدالت پاڻي بابت صوبن جي قدمن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته بار بار چيو ته پاڻي بابت جنگي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي، ڪوئيٽا ۾ جر جو پاڻي 12 سئو فوٽ هيٺ هليو ويو آهي، گوادر ۾ پيئڻ جو پيئڻ دستياب ئي ناهي. سيڪريٽري لا اينڊ ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اڃا تائين صوبن طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن ۽ نه ان حوالي سان آگاهي مهم شروع ٿي سگهي آهي. هن چيو ته پاڻي ناياب ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، سون جي اگهه تي به پاڻي نه ملندو، نه توهان جي نيت آهي ۽ نه وري صلاحيت آهي، مان چوان ٿو ته پوءِ خبر لڳي ويندي آهي.  چيف جسٽس چيو ته منرل واٽر ڪمپنيون پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن، ٻڌايو وڃي ته صوبن ۽ وفاق ڪهڙو ميڪنزم جوڙيو آهي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته وڏي وزير ۽ ڪابينا کي سمري موڪلي وئي آهي، جڏهن ته سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته پاڻي جي قيمت ۽ استعمال بابت رپورٽ ڏني آهي جنهن ۾ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون ويون آهن.  جسٽس اعجاز الحسن چيو ته بوتل جي پاڻي کانسواءِ صنعتن ۾ پاڻي جي استعمال جي قيمت به مقرر ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته صنعتون استعمال ٿيل پاڻي کي ٻيهر استعمال جوڳو بڻايو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي سٺي تجويز آهي ته مسجدن ۾ وضو وارو پاڻي ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪيو وڃي.  سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبن طرفان جمع ڪرايل رپورٽون رد ڪري ڇڏيون ۽ قرار ڏنو ته رپورٽون اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهن، عملي طور لاڳاپيل صوبن ۽ اسلام آباد جي انتظاميه ڪجهه نه ڪيو آهي. عدالت چيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي سفارشن تي وفاق ۽ صوبن کي عملي قدمن جو حڪم ڏنو ويو هو. سپريم ڪورٽ جمع ڪرايل رپورٽ رد ڪندي سفارشن تي شقوار جواب طلب ڪري ورتو ۽ چيو ته صوبا ۽ وفاق ٻن هفتن ۾ عملي قدم کڻي جواب ڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے