18 جمعہ , جنوری 2019

گذريل سال سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيل انڊونيشين جهاز جو ………. وڏي خبر اچي وئي

Indonesia recovers cockpit voice recorder from Lion Air jet that crashedجڪارتا ( ويب ڊيسڪ ) انڊونيشين اختيارين طرفان اڍائي مهينا اڳ سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز جو وائس رڪارڊ ملڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي ميري ٽائم بابت وزير رضوان جمال الدين تصديق ڪئي آهي ته سندس وزارت کي نيشنل ٽرانسپورٽيشن سيفٽي ڪميٽي طرفان باظابطا طور تي آگاهه ڪيو ويو آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ جاوا سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز جو ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊ مليو آهي. ان سان گڏ ئي ڪجهه انساني عضوا پڻ مليا آهن. واضح رهي ته انڊونيشيا جي خانگي ڪمپني لائن ايئر جو بوئنگ 737 جهاز 29 آڪٽوبر  2018ع تي جڪارتا ۾ اڏام ڀرڻ کانپوءِ جاوا سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو. جهاز عملي سميت 189 مسافر سوار هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9\11  حملن ۾ بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ 11/9 حملن دوران بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے