18 جمعہ , جنوری 2019

پي ايس ايل 4:  اي بي ڊيوليئرز طرفان……….. ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري

AB de Villiers confirms Pakistan visit for PSL 2019لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ۾ شامل ٽيم لاهور قلندرز اعلان ڪيو آهي ته اي بي ڊيوليئرز پاڪستان ۾ ميچون کيڏندو. ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ لاهور قلندرز جي بيٽسمين اي بي ڊوليئرز  12 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي سرزمين تي ايڪشن ۾ نظر ايندو، هن پاڪستان اچڻ ۽ ميچون کيڏڻ تي راضپو ڏيکاريون آهي.  اي بي ڊيوليئرز پي ايس ايل جي لاهور ۾ رٿيل ٻه ميچون کيڏندو، لاهور قلندرز جو 9 مارچ تي اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ 10 مارچ تي ملتان سلطانز سان مقابلو ٿيندو.  ياد رهي ته پي ايس ايل فور جا پلي آف ميچ ۽ فائينل به پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي پاسي پي سي بي چيئرمين احسان ماني اي بي ڊيو ليئرز جي پاڪستان اچڻ واري فيصلي کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اميد آهي ته لاهور جي پرستارن کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي. احسان ماني چيو ته اي بي ڊيوليئرز جي پاڪستان اچڻ واري فيصلي سان پي ايس ايل کي ۽ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي کي هڪ نئون رستو ملندو. لاهور قلندرز جي ڪپتان محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته اي بي ڊيوليئرز سان گڏ لاهور جي فلائٽ تي ويهڻ لاءِ بيچين آهيان. محمد حفيظ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اي بي ڊيوليئرز ڪرڪيٽ جي دنيا جو بهترين رانديگر آهي ۽ اميد آهي ته هو مداحن سان ڀرپور لاهور جي اسٽيڊيم مان خوشگوار يادون  پاڻ سان گڏ کڻي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے