18 جمعہ , جنوری 2019

آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد چين پهچي ويو، سڀاڻي پاڪستان ايندو

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) افغان معاملن بابت آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد چين پهچي ويو آهي جتي هو اعليٰ اختيارين سان ملاقتون ڪندو جنهن کانپوءِ هو سڀاڻي پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب زلمي خليل زاد جي بيجنگ ۾ چيني اختيارين سان ملاقات ۾ افغان عمل بابت ڳاليهون ٿينديون.  زلمي خليل زاد بيجنگ پهچڻ تي پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو ته افغان امن عمل ۾ چين جو ڪردار اهم آهي، مان اهو ڄاڻن جو منتظر آهيان ته چين ۽ آمريڪا گڏجي ڪري ڪهڙي نموني ڪم ڪري سگهن ٿا.  ٻئي پاسي سفارتي ذريعن چوڻ آهي ته افغان معاملن بابت آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد سڀاڻي اسلام آباد پهچندو ۽ سندس پاڪستان جو دورو 19 جنوري تائين هوندو.  سفارتي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب زلمي خليل زاد پنهنجي دوري دوران اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ ساڻس گڏ آمريڪي ڊپٽي پرڏيهي وزير ايليس ويلز پڻ پاڪستان ايندي. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته زلمي خليل زاد باظابطا طور تي وفدي سطح تي پرڏيهي آفيس ۾ ڳالهيون ڪندو، سندس دوري جو مقصد افغانستان ۾ فوجي واپسي ۽ افغان طالبان سان ڳالهين تي مشاورت ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے