18 جمعہ , جنوری 2019

ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جي والدين ريسٽورنٽ مالڪ کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي ڪلفٽن جي  ريسٽورنٽ ۾ زهريلي کاڌي سبب فوت ٿيل ٻن ٻارڙن جي والدين ريسٽورنٽ مالڪن کي معاف ڪندي ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن جي ريسٽورنٽ ايريزونا گرل ۾ زهريلي کاڌي سبب ٻن ٻارڙن جي موتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. فوت ٿيل ٻارڙن جا والدين عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ چيو ته اسان واقعي جي ذميوارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ نه ٿا چاهيون. وڪيل خواجه نويد چيو ته ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ ڪيس ختم ڪرڻ چاهين ٿا.  سنڌ هاءِ ڪورٽ ٺاهه جا نقل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے