18 جمعہ , جنوری 2019

چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني  ٻارن جي چر پر تي نظر رکندڙ سمارٽ يونيفارم تيار ڪري ورتو

Chinese schools track students with GPS-enabled “smart uniforms”بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ) جتي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلي سندن نگراني بابت ڳڻتي ۾ مبتلا رهندا آهن اتي استادن به اسڪول ۾ ۽ موڪل ٿيڻ ان کانپوءِ سندن نگراني لاءِ فڪرمند رهندا آهن پر هاڻ ٻنهي جي پريشاني ” سمارٽ يونيفارم “ ذريعي حل ٿي وئي آهي.  چين جي جديد ٽيڪنالوجي سان مالامال ” سمارٽ يونيفارم “ تيار ڪيو آهي جنهن ۾ گلوبل پوزيشننگ سسٽم ( جي پي ايس ) لڳل آهي جيڪي ٻارن جي نگراني ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. آڊيٽي سينٽرل جي رپورٽ موجب يونيفارم چيني ٽيڪنالوجي ڪمپني گوئيزوا گنايو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ ٻه مائيڪرو چپس يونيفارم جي ڪنڌ واري پاسي ڏانهن لڳل آهن. ان جي مدد سان والدين ۽ استاد سولائي سان معلوم ڪري سگهندا ته ٻار ڪٿي موجود آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن. جيئن ئي ٻار سمارٽ يونيفارم پهريندا جي پي ايس ٽريڪنگ سسٽم فعال ٿي ويندو جيڪي والدين ۽ استادن کي سندن سمارٽ فون ۾ رپورٽ ڪندو. جيڪڏهن ٻار اسڪول ۾ سمهي پئي يا وري بنا اجازت ٻاهر هليو وڃي، ان بابت پڻ سمارٽ يونيفارم خبردار ڪري ڇڏيندو. يونيفارم جي مدد سان والدين اهو به ڄاڻي سگهندا ته ٻار پئسا ڪٿي خرچ ڪري رهيو آهي ۽ ڪيترا خرچ ڪري رهيو آهي انکانسواءِ هو سمارٽ يونيفارم واري ايپ جي مدد سان ٻار جي خرچ جو به حساب لڳائي سگهن ٿا. ٻئي پاسي ڪجهه حلقن سمارٽ يونيفارم جي مدد سان ٻارن جي چر پر تي ايتري حد تائين نگراني ڪرڻ کي سندن حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.  جنهن تي ڪمپني جواب ڏنو آهي ته يونيفارم ۾ ٻارن جي تحفظ جو ڀرپور خيال رکيو ويو آهي ته ۽ اهو يونيفارم ڪجهه مخصوص هنڌن تي ڪم نه ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاس ورڊ جي اهميت……………ڪٿي اها غلطي اوهان ته نه ڪري رهيا آهيو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄڪلهه  جي سائبر دور ۾ سائبر سيڪيورٽي لازمي آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے