18 جمعہ , جنوری 2019

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي ضمانت خلاف نيب جي اپيل رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، نياڻي مريم نواز  ۽ ڪپئٽن صفدر جي سزا رد ڪرڻ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نيب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر ڳالهائيندي چيو ته ضمانت رد ٿيڻ جي قائدن بابت ٻڌايو، ضمانت رد ٿيڻ جا پيرا ميٽر توهان ڄاڻو ٿا، اهي ڪهڙا پيرا ميٽر آهن جن تي ضمانت خارج ٿي سگهي ٿي.  نيب پراسيڪيوٽر چيو ته  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته شاهدين موجب سزا نه ٿي ٺهي، چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ ضمانت ڏيڻ تي پنهنجو اختيار استعمال ڪيو.  نيب جي وڪيل دليلن دوران چيو ته سزا معطلي يا ضمانت جي درخواست ۾ ڪيس جي ميرٽ تي نه وڃبو آهي.  جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي بنياد تي ضمانت رد ڪئي وڃي. نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته هاءِ ڪورٽ حالتن جي بنياد تي ضمانت ڏني آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته نيب اڳيان ڪهڙي مشڪل آهي، جڏهن ته ضمانت جو حڪم عبوري آهي.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ضمانت هاءِ ڪورٽ ڏئي چڪي آهي، هاڻي ڪيس ڪهڙي بنياد تي رد ڪيون. ان موقعي تي جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جو قانون خاص قانون آهي، خاص حالتن ۾ ضمانت ٿي سگهي ٿي.  جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي آبزرويشن کي پاڻ عبوري نوعيت جو قرار ڏنو، ضمانت جي اپيل غلط استعمال ٿي ته رد ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جو معطلي جو فيصلو ڊگھو آهي، فيصلو مختصر به لکي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف هن وقت آزاد شخص ناهي، جيڪو شخص آزاد ناهي تنهن جي ضمانت ڇو رد ڪرائڻ چاهيو ٿا. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عارضي آهي تنهن ڪري اسان مداخلت نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نواز شريف ضمانت جو غلط استعمال نه ڪيو ۽ ٽرائل ڪورٽ ۾ مسلسل پيش ٿيندو رهيو، بدقسمتي سان نواز شريف  سلاخن جي پويان آهي. عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکدني نواز شريف ۽ مريم نواز جي ضمانت خلاف نيب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے