18 جمعہ , جنوری 2019

ڏکڻ آفريڪا ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 107 رنسن تان هارائي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

Shadab's batting heroics in vain as South Africa clean sweep Pakistanجوهانسبرگ ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ شاهينن کي 107 رنسن  تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو  جوهانسبرگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن قومي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسن تان اننگز جي شروعات ڪئي اسد شفيق 48 ۽ بابر اعظم 17 رنس سان گڏ ڪريز تي موجود هئا.  ٻنهي بيٽسمينن متحاط انداز اختيار ڪيو پر بابر اعظم 21 جي انفرادي اسڪور تي پويلين موٽي ويو جنهن بعد ايندڙ ڪپتان سرفراز احمد به کاتو کولڻ بنا روانو ٿيو.  اسد شفيق پروٽيز بالرن سامهون ڪجهه مزاحمت جي ڪوشش ڪئي پر هو به 179 جي گڏيل اسڪور تي همت هارائي ويو، هن 11 چوڪن جي مدد سان 65 رنسن جي اننگز کيڏي. جنهن بعد وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو پاڪستان طرفان آخري وڪيٽ تي ليگ اسپنر شاداب خان آفريڪي بالرن جو مقابلو ڪيو، هن ناٽ آئوٽ 47 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستان جو آخري ٿيندڙ بيٽسمين محمد عباس هو جيڪو  9 رنسون ٺاهڻ بعد رن آئوٽ ٿي ويو . اهڙي ريت پاڪستان جي سموري ٽيم 273 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ ٻي اننگز ۾ پاڪستاني اوپنرن شان مسعود ۽ امام الحق ٽيم کي 67 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي، امام الحق 35، شان مسعود 37، سينيئر بيٽسمين اظهر علي جي ناڪامين جو سلسلو جاري رهيو ۽ هو رڳو 15 رنسون ٺاهي سگهيو.  ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊي اولوير ۽ ربادا 3، 3 شڪار ڪيا جڏهن ته ڊيل اسٽين 2 ۽ فلينڊر جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. ياد رهي ته پاڪستان جي سموري ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 185 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي جڏهن ته ميزبان ٽيم پهرين اننگز ۾ 262 ۽ ٻي اننگز 303 رنسون ٺاهيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے