18 جمعہ , جنوری 2019

جي آءِ ٽي بهانو آهي، سنڌ سرڪار اصل نشانو آهي: سعيد غني

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عليما خان تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جي آءِ ٽي رڳو بهانو آهي، سنڌ سرڪار اصل نشانو آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نيب کي سياسي ٽوٽل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن کان نيب ٺهي ملڪ ۾ ڪرپشن گهٽ نه ٿي پر وڌي وئي آهي، سياسي انتقامي ڪاررواين لاءِ نيب کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، حڪومت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا، ڇا ايئن ڪرڻ لاءِ ڪميٽي چيو هو، جي آءِ ٽي رڳو بهانو آهي، سنڌ حڪومت اصل نشانو آهي. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته سنڌ ۾ واحد حڪومت پ پ جي آهي جيڪا پنهنجي ووٽن تي باقي آهي، باقي سڀ پن سن جون حڪومتون آهن، حڪومت چور دروازي کان حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي، هو ڪوشش ڪري ڏسي وٺن، اسان تيار آهيون، پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي حڪومت جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي.  سعيد غني چيو ته اهي بڇڪيون هني ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، عليما جي آمدني جائز هئي ته لڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هي عليما تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا، اندازو آهي ته عليما جي وڌيڪ ملڪيت سامهون ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے