18 جمعہ , جنوری 2019

هي اسان جو ورات ڪوهلي ناهي: ڀارتي مداح

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتين کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي مان وڏيون اميدون آهن، خاص طور تي آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست کانپوءِ مداحن جي چاهن ٿا ته ڪوهلي پنهنجو ڌيان صرف ۽ صرف ڪرڪيٽ جي ميدانن تائين ئي رکي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن ورات ڪوهلي پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما سان هڪ تصوير شيئر ڪئي ته ماڻهن ان تي تبصرو ڪندي ايندڙ ميچ هر حال ۾ کٽڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.  12 جنوري تي کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 34 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻئي ڏينهن ورات  انوشڪا سان گڏ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ٻئي هڪ خوبصورت ماڳ تي خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن، ڪرڪيٽ مداحن کي ٻنهي جي اها تصوير هڪ اک نه وڻي ۽ انهن ڪوهلي کان گُهر ڪئي ته هو پريڪٽس تي ڌيان ڏئي ۽ ايڊيليڊ جي ميدان تي ٿيندڙ ٻي ون ڊي ميچ ضرور کٽي. هڪ واهپيدار مٿس ٽوڪ ڪندي لکيو ته ٻي ون ڊي لاءِ سٺي تياري ٿي رهي آهي. ته وري ڪنهن کيس مشورو ڏنو ڀائو سڀ ڇڏيو، سيريز کٽي اچجو. هڪ مداح درخواست ڪئي ته ادا مهرباني ڪري ٻي ون ڊي ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي پيش ڪجان، پرٿ جي ميدان تي سينچري کانپوءِ اوهان سٺو ناهيو کيڏي رهيا، هي اهو ورات ڪوهلي ناهي جنهن کي اسان ڄاڻو ۽ سڃاڻو ٿا. ڪرشنا ڪمار نالي واهپيدار تصوير تي اعراض اٿاريندي چيو ته اوهان ٻي ون ڊي ميچ لاءِ پريڪٽس ناهيو ڪري رهيا.  ته ڪنهن کيس منٿ ڪندي چيو ته ادا ٻي ميچ ۾ هڪ ميچ وننگ سينچري گهرجي. واضح رهي ته آسٽريليا خلاف پهرين ميچ ون ڊي ميچ ڪوهلي رڳو 3 رنسون ٺاهيون هيون،  ۽ سندس خراب فارم تي پرستار تمام گهڻو مايو س آهن. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ 15 جنوري ( سڀاڻي ) تي ايڊيليڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ کي ميلبورن جي ميدان تي کيڏي ويندي. ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪينگروز کي 0-1 جي سرسري حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے