18 جمعہ , جنوری 2019

ڪراچي پوليس واردات  جي گهر ويٺي شروعاتي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پوليس ڪنهن به واردات جي شروعاتي رپورٽ گهر ويٺي ڪجهه سيڪنڊن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي. ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ موجب ڪنهن به واردات جي ترت رپورٽ داخل ڪرائڻ ۽  مدد حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ترين موبائيل فون ايپليڪيشن تيار ڪئي وئي جنهن جي مدد سان شهري گهر ويٺي موبائيل فون، گاڏي ڦرجڻ يا ڪنهن چوري، ڌاڙي، رهزني يا ڪنهن به قسم جي واردات جي ڪجهه سيڪنڊن ۾ شروعاتي رپورٽ داخل ڪرائي سگهندا.  امير شيخ ٻڌايو ته اها موبائيل ايپ ڪراچي جي شهرين لاءِ نئين سال جو تحفو آهي جنهن ۾ خاص طور تي مختلف ملڪن جي سفارتخانن جي سيڪيورٽي ۽ فوري موٽ جو به آپشن رکيو ويو آهي، ايپ جي مدد سان ڪراچي ۾ سموري دنيا جي سفارت خانا به  ڪجهه منٽن ۾ پوليس کان مدد حاصل ڪري سگهندا.  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو چوڻ آهي ان ايپ کي گوگل سان به ڳنڍيو ويو آهي، ايپ تي پوليس جي هڪ پائي به خرچ ناهي ٿي پر سکر سان واسطو رکندڙ آءِ ٽي انجينئر سيد مدثر حسين ۽ سندس ڪمپني 2 مهينن جي محنت سان اها ايپليڪيشن ڪراچي پوليس لاءِ تيار ڪئي آهي.  امير شيخ موجب ڪنهن به واردات جي صورت ۾ شهري کي هاڻ مددگار 15 جي عملي جي مختلف سوالن ۽ ان جي تصديق ۾ وقت وڃائڻو نه پوندو پر شروعاتي ۽ ترت رپورٽ پاڪستان ئي نه پر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ويهي داخل ڪرائي سگهندا ۽ ان تي پوليس فوري طور داد رسي يا مدد لاءِ واقعي واري هنڌ پهچندي. ايپ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي امير شيخ چيو ته ڪراچي پوليس کي بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، ايپ جي مدد سان ڏوهن جو رڪارڊ رکڻ ۾ به مدد ملندي.  هن ٻڌايو ته ايپ ۾ رجسٽريشن ڪرڻ وقت شهري جو موبائيل نمبر، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ پتو محفوظ هوندو، ايپ ۾ داخل ٿيندي ئي لاڳاپيل ٿاڻي سي پي ايل سي،  ٻين ادارن ۽ لاڳاپيل ايس ايس پي آفيس کي ملي ويندي. امير شيخ جو چوڻ هو ته ضلعي سطح تي وڪٽ۾ سپورٽ سروس ڊيسڪ شڪايتن کي مانيٽر ڪندي، ڊيسڪ شڪايت داخل ٿيندي ئي متاثر شهري سان لاڳاپيل پوليس جو رابطو هوندو. ڪراچي پوليس چيف وڌيڪ ٻڌايو ته ان ايپ کي شهرين لاءِ فائيديمند ۽ معياري بڻائڻ لاءِ گوگل ۽ بين عالمي ادارن کان به مدد ورتي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے