18 جمعہ , جنوری 2019

ڀارتي جنرل ڪارگل جنگ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو

ڀوپال ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج جي اڳوڻي جنرل مهندر پوري 1999ع  جي ڪارگل جنگ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو. ڀوپال فيسٽيول ۾ هڪ سيشن کي خطاب ڪندي ڀارتي فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل مهندر پوري ڪارگل جنگ ۾ ناڪامي مڃيندي چيو ته ڪارگل جنگ نه رڳو ڀارتي فوج جي پر ملٽري انيليجنس جي به ناڪامي هئي. هن چيو ته 1999ع ۾ پاڪستاني فوج ڪارگل ۾ پيش قدمي جو مقصد ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اُٿارڻ هو ۽ سرينگر کان لداخ ويندڙ روڊ کي بلاڪ ڪرڻ هو ته جيئن سياچن جو زميني رابطو ڪٽي سگهجي.  واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ مهندر پوري ڪارگل جنگ ۾ ڀارت جي اٺين مائونٽن ڊويزن جي اڳواڻي ڪئي هئي ۽ اٽڪل 20 ورهين کانپوءِ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9\11  حملن ۾ بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ 11/9 حملن دوران بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے