23 بدھ , جنوری 2019

يورپ ۾ سخت ٿڌ، 26 ڄڻا فوت

لنڊن ( ويب ڊيسڪ  )يورپي ملڪن ۾ سخت ٿڌ جي ڪري 26 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب يورپي ملڪن ۾ گذريل 10 کان جاري سخت ٿڌ جي لهر زندگي جو نظام ڊنواڊول ڪري ڇڏيو آهي. خراب موسم جي ڪري اسڪول بند پيا آهن جڏهن ته ڏورانهين علائقن سان زميني رابطو ختم ٿي ويو آهي، ڪيئي علائقن ۾ گرمي پد منفي 26 ڊگري سينٽي گريڊ به کان هيٺ ڪري پيو جنهنڪري ماڻهن گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.  البانيا ۾ اٽڪل ٻه هزار فوجي ۽ ريسڪيو اهلڪار امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن، آسٽريا ۾ به فوجي هيلي ڪاپٽر 66 ڄڻن کي پهاڙي علائقن کان ريسڪيو ڪيو. جرمني، آسٽريا، يونان، ترڪي، سوئيزرلينڊ ۽ بلغاريه سميت يورپ جي ڪيئي ملڪن ۾ سخت ٿڌ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 26 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي آمريڪا ۾ ڪيئي رياستن ۾ برفباري جو 100 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي ۽ ست ڄڻا پنهنجون حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جو الزام: نسان جي اڳوڻي سربراهه جي ضمانت واري درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ) ٽوڪيو جي عدالت نسان جي اڳوڻي سربراهه ڪارلوس گھوسن طرفان پرڏيهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے