18 جمعہ , جنوری 2019

ملڪ جي 9 علائقن جي سيوريج سسٽم ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 9 علائقن جي سيوريج سسٽم ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. انڊيپنڊينٽ مانيٽرنگ بورڊ (آءِ ايم بي) جي اجلاس ۾ اختيارين ان حوالي سان نشاندهي ڪئي. اختيارين موجب پاڪستان جي 9 علائقن جي سيوريج سسٽم ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي، انهن علائقن ۾ ڪراچي جو گڏاپ، ڪورنگي، لاهور، بنون، قلعا عبدالله، پشاور، پشين، ڪوئيٽا ۽ راولپنڊي شامل آهن. اختيارين ٻڌايو ته 16 هنڌن تي پوليو ورائس جي موجودگي ملي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گڏاپ يوسي 4 ۽ ڪورنگي يوسي 6 جي سيوريج ۾ وائرس موجود آهي. پوليو ٽاسڪ فورس جي ترجمان موجب 2018 ۾ ملڪ ۾ 10 پوليو جا ڪيس سامهون آيا، وزيراعظم جي هدايت تي حڪمت عملي جوڙي فوري طور ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے