22 جمعہ , فروری 2019

پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو نينگرين کي ….. عالمي اداري جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ منظر تي اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت بابت عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو نينگرين کي ننڍي عمر ۾ ئي جبري شادي ڪرائي ويندي آهي. عالمي اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ ”ڊيموگرافڪس آف چائلڊ ميريج ان پاڪستان“ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ننڍي عمر ۾ شادين جو رجحان تمام گهڻو آهي. رپورٽ موجب 2011 کان 2020 تائين 10 ورهين جي عرصي ۾ ننڍي عمر ۾ جبري شادين جو شڪار ٻارڙين جو انگ 14 ڪروڙ هوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو ٻارڙين جي بالغ ٿيڻ جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي شادي ڪرائي ويندي آهي ۽ اهو گهڻي ڀاڱي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي. ننڍي عمر ۾ شادين جي حوالي سان سنڌ صوبو سڀني کان اڳتي آهي، جتي 75 سيڪڙو ٻارڙين ۽ 25 سيڪڙو ٻارن جي جبري شادي ڪئي ويندي آهي. انفرادي طور ننڍي عمر جي شادي جو سڀ کان گهڻو رجحان قبيلائي علائقن ۾ آهي، جتي 99 سيڪڙو ٻارڙيون ننڍي عمر ۾ ئي پرڻايون وينديون آهن. ڊبليو ايڇ او موجب ڪنهن اهڙي جي شادي ڪرڻ، جيڪو اڃا رضامندي جو اظهار ڪرڻ جي قابل به نه ٿيو هجي، ٻارڙن ۽ ٻارڙين ٻنهي جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ننڍي عمر ۾ شادي جو اهو غلط رجحان رڳو پاڪستان ۾ ناهي. ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ذيلي شاخ يونيسيف موجب سڄي دنيا ۾ هر سال هڪ ڪروڙ 50 لک شاديون اهڙيون هونديون آهن، جن ۾ ڪنوار جي عمر 18 سالن کان گهٽ هوندي آهي. اُسريل ملڪن ۾ هر ٽن مان هڪ ڇوڪريءَ جي جبري طور ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي آهي. ننڍي عمر ۾ شادي جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته ڇوڪريون ڀلي جسماني يا ذهني طور تيار نه هجن پوءِ به ڳورهاريون ٿي وينديون آهن، ان عمل سان طبي مسئلا به پيدا ٿيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ توڙي ٻار جي صحت کي خطرو هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽيڪس ڊائريڪٽري 18-2017: صدر ۽ وزير اعظم ڪيترو ٽيڪس ڏنو؟

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل پارليامينٽرينز ٽيڪس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے