23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ: ٺٽي ضلعي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي بي فيڊر  اپر ۾  زهريلو پاڻي ڇو ٿئي پيو ڇوڙ ؟

ٺٽي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي بي فيڊر اپر ۾ ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن جو زهريلو فضلو ڇوڙ ڪيو پيو وڃي .

  ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي ڊگھي وارابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ آبپاشي کاتي پاران ڪي بي فيڊر اپر ۾ ڇوڙ ڪيل فضلي وارو گندو پاڻي ٺٽي جي حدن ۾ داخل ٿي ويو.

 ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن جو زهريلو گندو پاڻي مسلسل ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو آهي، انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه ورتو، جنهن سبب زهريلي ۽ گندي پاڻي جي ڪري آبي جيوت، زرعي فصل، چوپايو مال، انساني زندگي خطري هيٺ اچي وئي آهي.

 ان سلسلي ۾ ڪينجهر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ جي اڳواڻن محمد انيس هيلايو، ارشاد گندرو، سماجي اڳواڻن ماما اسحاق خشڪ، شعير قريشي، جاويد غني ميمڻ، طارق امر عباسي ۽ ٻين ڪي بي فيڊر اپر ۾ آبپاشي کاتي پاران ڇوڙ ڪيل پاڻي کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڻي گندي فضلي وارو آهي جيڪو زهر مثل آهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ڪيل زهريلو پاڻي نيڪال ڪري مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سڳيون : اٺن جي سوار الاهي بخش چنو جي چوٿين ورسي تي سوارن ڪيو ڪهڙو ڪمال؟

سڳيون ڀرسان درگاھ سيد عالم شاھ بخاري تي مشهور اٺن جي سوار الاهي بخش چنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے