18 جمعہ , جنوری 2019

پاڪستان ۾ ايڊز جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت ايڊز جا ڏيڍ لک مريض موجود آهن، جڏهن ته گهڻن جو رڪارڊ ئي موجود ناهي. ايوان ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته صحت واري وزارت وٽ هڪ لک 24 هزار کان وڌيڪ مريضن جو رڪارڊ ئي ناهي. رپورٽ موجب پنجاب ۾ 7 هزار 119، وفاق ۾ 12 سئو 49، سنڌ ۾ 41 سئو 49، ڪي پي ۾ 23 سئو 70 ۽ بلوچستان ۾ 513 ايڊز جا مريض علاج هيٺ آهن، پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ لڳ ڀڳ هڪ لک 50 هزار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے