18 جمعہ , جنوری 2019

مائيڪ پومپيو جي شاهه سلمان ۽ محمد بن سلمان سان ملاقات

رياض(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو رياض ۾ سعودي فرمان روا شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب مائيڪ پومپيو شام ۽ يمن تڪرار، ايران جي ڌمڪين ۽ سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل تي سعودي رد عمل بعد وچ ايشيا جي دوري تي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب مائيڪ پومپيو اڄ سعودي فرمانروا شاهه سلمان سان 35 منٽ جڏهن ته ولي عهد محمد بن سلمان سان 45 منٽ طويل ملاقات ڪئي. آمريڪي اختيارين موجب هن جي اهم ايجنڊا ۾ يمن ۾ حوثي باغين جي خلاف سعودي اتحاد جي قيادت هيٺ جنگ ۽ جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جا معاملا شامل آهن. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب رياض ۾ سينيئر سعودي اختيارين سان ڳالهين ۾ مائيڪ پومپيو يمن ۾ جاري خانه جنگي جي سياسي حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ايران جي سرگرمين جي خلاف علائقائي ڪوششون جاري رکڻ، امن، ترقي ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي ڳالهيون ڪيون. اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جو چوڻ هو ته مائيڪ پومپيو گذريل سال آڪٽوبر ۾ استنبول ۾ موجود سعودي قونصل خاني ۾ جمال خاشقجي جي قتل جي اعتماد جوڳي جاچ جي اهميت کي به واضح ڪيو. مائيڪ پومپيو سعودي عرب طرفان حقيقتن موجب جمال خاشقجي جي قتل ۾ جاچ، سڌُ تائين پهچ ۽ ذميوارن جي احتساب جي اهميت تي به زور ڏنو. قطر جي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري شاهه سلمان ۽ محمد بن سلمان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خاطري ڪرائي آهي ته جمال خاشقجي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هوڏانهن رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ملاقات دوران يمن ۾ سوئيڊن معاهدي تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. سفارتخاني جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ يمن ۾ حالتن کي پرامن رکڻ، سوئيڊن معاهدي جي شقن تائين محدود رهڻ ۽ خاص ڪري الحديده ۾ فائر بندي ۽ نئين صف بندي جي ضرورت تي اتفاق راءِ ڪيو ويو.  آمريڪي بيان موجب پومپيو يمن ۾ گڏيل قومن جي سياسي عمل جي سهڪار تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويجهي ساٿين کي ان قتل ۾ ملوث قرار ڏنو ويندو آهي ۽ آمريڪي قانون سازن آمريڪا مان يمن ۾ سعودي جنگ جي حمايات نه ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي. مائيڪ پومپيو رياض اچڻ کان اڳ قطر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته اسان جمال خاشقجي جي قبول نه ڪرڻ جوڳي قتل جي مڪمل احتساب جي خاطري بابت سعودي ولي عهد ۽ شهرين سان ڳالهيون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اسان ان حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ سموري حقيقت جي موجودگي کي يقيني بڻائينداسين جيئن ذميوارن کي سعودي عرب ۽ جتي بهتر هجي آمريڪا طرفان به سزا ڏني وڃي. قطر ۽ آمريڪا جي 4 ويجهي عرب ڀائيوارن جي وچ ۾ تازو جاري تڪرار به مائيڪ پومپيو جي تازي ڳالهين ۾ غور هيٺ هوندو. قطر جو تڪرار نار ملڪن، مصر ۽ اردن کي ايران يج خلاف ملٽري اتحاد بڻائڻ جي آمريڪي ڪوششن ۾ هڪ وڏي رنڊڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے