19 ہفتہ , جنوری 2019

احتساب جو ٻٽو معيار عوام جي توهين آهي: حمزا شهباز

The search engineer came after Imran Khan NAB is following: Hamza Shahbazلاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته احتساب جو ٻٽو معيار عوام جي توهين آهي، اڄ سڀني اپوزيشن پارٽين جو گڏيل مطالبو آهي ته عمران خان کي هيلي ڪاپٽر ڪيس جو جواب ڏيڻو پوندو. پنجاب اسيمبلي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته وزيراعظم جي ڀيڻ عليما خان کي ان ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو ته اڳ ان جي ملڪيت دبئي ۽ پوءِ آمريڪا (نيو جرسي) مان ڪيئن نڪتي، سڀني ڏسي ڇڏيو ته شريف خاندان خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، عمران خان جي قدمن سان انتقام جي بوءِ اچي رهي آهي. هن چيو ته ن ليگ قيادت جو دامن اڄ به صاف آهي، وزيراعظم جو پنهنجو دامن داغدار آهي، هو ڪهڙي منهن سان اپوزيشن خلاف روز چوري ۽ ڌاڙي جا نعرا هڻي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ناڻي وارو وزير چئي ٿو مهانگائي اميرن لاءِ آهي، وڃي ڪنهن غريب کان پڇو ته مهانگائي ڪيئن ان جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، جلد مني بجيٽ اچڻ واري آهي، جنهن سان مهانگائي جو ڊرون عوام تي ڪرڻ وارو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے