18 جمعہ , جنوری 2019

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر کي اهم اختيار ڏيڻ لاءِ بل منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ ترميم منظور ڪئي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر پرويز الاهي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي کي هلائڻ جي قاعدن ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. پنجاب اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر کي ڪنهن به گرفتار ميمبر ميمبر کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ ترميم منظور ڪري ورتي آهي، جنهن موجب ڪنهن به گرفتار ميمبر کي ايوان ۾ آڻڻ لاءِ اسپيڪر کي درخواست ڏئي سگهبي، ان کانپوءِ اسپيڪر گرفتار ميمبر کي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سمن جاري ڪري سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے