22 جمعہ , فروری 2019

سعودي عرب ۾ ڊرون جي ……… وڏي خبر اچي وئي

Drone users in Saudi now require permits to operate themرياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ ڊرون اڏائڻ جي شوقين مداحن لاءِ سٺي خبر آهي، آخرڪار ڊرون اڏائڻ کي قانوني قرار ڏنو ويو آهي.  تفصيل موجب سعودي عرب جي هوا بازي بابت جنرل اٿارٽي ڊرون اڏائڻ کي اجازت نامي سان مشروط ڪندي ان جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اجازت نامو حاصل ڪرڻ لاءِ فيس ادا ڪرڻي پوندي . ان کان اڳ سعودي عرب ۾ ڊرون اڏائڻ غيرقانوني هو ۽ ملڪ ۾ بنا اجازت نامي ڊرون آڻڻ به غيرقانوني عمل سمجهو ويندو هو، پر هاڻ عام واهپيدارن اڍائي سئو سعودي ريالن ۽ ڪمرشل واپيدارن پنج سئو سعودي ريالن عيوض اهو اجازت نامو حاصل ڪري سگهندا. ڊرون جو اجازت نامو حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن وٽ باظابطا سعودي شهريت يا هڪ استعمال جوڳو اقامو هئڻ لازمي قرار ڏنوويو آهي.  گڏوگڏ هنن جنرل اٿارٽي مان حاصل ڪيل ٽريننگ ڪورس وارو سرٽيفيڪٽ آڻڻ به لازمي قرار ڏنو آهي. ان کانسواءِ ڊرون جو رجسٽريشن نمبر به گهربل هوندو، هڪ پرمٽ تي هڪ ئي ڊرون اڏائي سگهجي ٿو. هڪ ڀيرو پر مٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ سموري ملڪ ۾ ڊرون اڏائڻ لاءِ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي اجازت جي ضرورت نه هوندي. هاڻ ملڪ ۾ ڪنهن کي به ڊرون گهرائڻو هجي ته ان کي جنرل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تي ڊرون جو سيريل نمبر رجسٽر ڪرائڻو پوندو جنهن کانپوءِ ان کي ڊرون درآمد ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي، ان کان اڳ سعودي عرب ۾ ايندڙ سڀ ڊرون ڪسٽم عملدار ضبط ڪري ڇڏيندا هئا. پرڏيهي فلم ميڪرن کي به ڊرون گڏ آڻڻ لاءِ ميڊيا منسٽري کان اجازت نامو حاصل ڪرڻو پوندو هو، پر ان باوجود به ڏکيائي پيش ايندي رهندي هئي، ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال رهندي هئي ته الائي اجازت ملندي الائي نه، پر هاڻ پرمٽ ذريعي ان صورتحال جو خاتمو ٿي ويندو. ان فيصلي سان سعودي عرب جي بليڪ مارڪيٽ ۾ ڊرون جي گهر ختم ٿي ويندي ته جلد کان جلد ڊرون باظابطا طور تي عالمي مارڪيٽ جي اگهن ۾ سعودي اسٽورن تي به خريد ڪري سگهبو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ بدران ڳالهين جي صلاح ڏيندڙ لاءِ غدار جو لقب

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا والاريل ڪشمير جي اڳوڻي حڪمران محبوبا مفتي کي پاڪستان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے