22 جمعہ , فروری 2019

وفاقي سرڪار سنڌ ۾ تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار سنڌ ۾ تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ دفعو ٻيهر وڏي وزير مرادعلي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي آمد بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاپا ۽ ڦڦي سنڌ کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه اومني گروپ جي الادين جو جن آهي. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي پنهنجي تڪ جو حال خراب لڳو پيو آهي، لاڙڪاڻو گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته  بينظير ڀٽو جيئري هجي ها ته سنڌ جي حالت جو سڀ کان وڌيڪ ڏک کيس ئي ٿئي ها. فواد چوڌري چيو ته سنڌ جي حالتن سان بلاول جو ڪو تعلق ناهي، ٻار ته هونئن به غير سياسي هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ جا اسڪول استادن ۽ چوديواري کان وانجهيل آهن، لاڙڪاڻي تي 117 ارب رپيه خرچ ٿيا پر ڪو فرق نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته رضا رباني پورهيتن جو اڳواڻ سڏائي ٿو پر بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪندو آهي. فواد چوڌري چيو ته مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، پ پ وڏي وزير کان استعيفيٰ وٺي ڪنهن ٻئي کي آڻي، اسان موقعو ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته غريبن لاءِ مهانگائي ۾ اضافو نه ٿيو آهي، اميرن لاءِ شيون مهانگيون ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته  پ پ سنڌ تي قبضو ڪيو آهي، وفاق مان ملندڙ رقم صوبي تي خرچ نه پئي ڪئي وڃي.  فواد چوڌري چيو ته سنڌ جو هن وقت ڪو به وارث ناهي، اسان سنڌ جي عوام جي ڏک ۽ سور جا ساٿي آهيون. هن چيو ته سنڌ جي عوام جو حق آهي ته تبديلي جو حصو بڻجي وڃن.  سندس چوڻ هو ته سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن فاٽا لاءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو وڌو آهي، اها رقم خرچ نه ٿيندي پر اين ايف سي ايوارڊ کي منتقل ٿي ويندي.  فواد چوڌري چيو ته سنڌ ۾ تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ جوڙيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم کي طلب ڪرڻ تي نيب کي معافي وٺڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے