16 ہفتہ , فروری 2019

افغان مسئلي جي سياسي حل جي حمايت ڪريون ٿا: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان سان اڳوڻي آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان اڳوڻي آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.  ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته  پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اعتماد تي ٻڌل آهن، حڪومت عوام جي زندگين ۾ هاڪاري تبديليون آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. اڳوڻي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ گذاريل وقت سفارتي ڪيريئر جو بهترين تجربو هو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ترين ملڪ آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے