22 جمعہ , فروری 2019

سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان، حيرت آهي ته آصف، فريال ۽ مراد شاهه گرفتار ڇو ناهن ٿيا: فواد چوڌري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وفاقي وزير سنڌ ۾ تبديلي لاءِ فاروڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ تبديلي لاءِ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڦوڪڻو آھي، جنهن جي پن اسان وٽ آهي، جڏھن چاھيون ڦاڙي ڇڏيون، وفاقي وزير فواد چوڌري گذريل ڏهاڙي ڪراچي جي دوري تي پهتو، جتي سنڌ جي گورنر سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته حليم عادل شيخ جي رهائشگاهه تي پارٽي جي چونڊيل نمائندن سان ملاقات ڪئي، مختلف هنڌن تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ سنڌ اومني کي ليز تي ڏنل ھئي، ٺگز آف پاڪستان جي ڪھاڻي ختم ٿيڻ واري آھي، ھن چيو تھ حيرت اٿم تھ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد شاھ کي اڃا گرفتار ڇو ناھي ڪيو ويو؟: فواد چوڌري چيو تھ بلاول ڀٽو اڃا ٻار آهي ، جڏھن تھ ٻار غير سياسي هوندا آهن، ھن چيو تھ وڏو وزير مراد شاهه پارٽي قيادت کي چوندو آهي، ڇا حڪم آ منهنجا آقا!، ھن چيو تھ ھن وقت ڪير پي ٽي آءِ ڪيئن ڇڏيندو؟، ٻي ڪا چوائس ئي ناھي، ھن چيو تھ ڪراچي منھنجو شھر آھي، آئون ھتي ھزار ڀيرا ايندس، ڪير مونکي روڪي نٿو سگھي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاھينداسين، پ پ جي سينيئر ميمبرن اسان سان رابطو پڻ ڪيو آھي پر اسان پ پ کي موقعو ڏيڻ چاھيون ٿا، جيڪڏھن پ پ وارن مراد علي شاھ کي نھ ھٽايو تھ پوءِ اسان عملي قدم کڻنداسين.فواد چوڌري چيو ته اومني گروپ جو ڏيئو ريڙهڻ سان جيڪو جن سامهون ايندو آهي اهو مراد علي شاهه آهي، ان کانپوءِ ماڻهن جا جعلي اڪائونٽس به کلن ٿا ۽ ٻيا ڪم به ٿيندا آهن، ان لاءِ مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي موقعو ڏيڻ چاهيون پيا، ڇاڪاڻ ته مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، ان ڪري پيپلز پارٽي پاڻ ان تي سوچي ۽ پنهنجي وڏي وزير کان استعيفيٰ وٺي، ان ماڻهن سنڌ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته پ پ پ جا ميمبر به اهڙي صورتحال تي خوش نه آهن، پيپلز پارٽي جا سنجيده ماڻهو تبديلي چاهين ٿا، ان لاءِ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي، جيڪي ماڻهو عوام جي ويجهو آهن اهي تبديلي جي ڳالهه ڪندا، تبديلي جو سفر هاڻي شروع ٿي چڪو آهي، چاهيون ٿا ته پ پ پ پاڻ تبديلي آڻي، اسان موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن هي فائدو کڻڻ نٿا چاهين ته يقيني طور تي عملي قدم کڻڻا پوندا ۽ پ پ پ جي اڪثريت سنڌ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندي، سنڌ حڪومت جي تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ جوڙينداسين، تبديلي اڻٽر آهي. هن پ پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول اڃا ٻار آهي ۽ ٻار غير سياسي هوندا آهن، منهنجي خيال ۾ بلاول جو سنڌ جي حالتن سان ڪو واسطو انهي. هن چيو ته مراد علي شاهه جي پنهنجي تڪ ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون ناهن، ان جي اسڪولن ۾ استاد ۽ فرنيچر ناهي، ڪراچي جو ڇا حشر نشر ڪري ڇڏيو اٿن.طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ سنڌ ۾ ٻيون اتحادي پارٽيون پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل آهن. اها ڳالهه هن ڪالهه اڱاري ڏينهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس راولپنڊي ۾ منتقلي لاءِ نيب درخواست

ڪراچي (رپورٽر)نيب بئنڪنگ عدالت ۾ ڪيس احتساب راولپنڊي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. بئنڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے