22 جمعہ , فروری 2019

نيب رڳو ماڻهن جا پٽڪا پئي لاهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته نيب ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کانسواءِ ڇا ڪري رهي آهي ۽ ڪال اپ نوٽيس کانپوءِ آرام سان ويهي ٿا رهو.  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن انڪوائري واري معاملي تي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ، سليمان ملاح ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي ايم شيخ نيب جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اها ئي صورتحال آهي  ته پوءِ ڊي جي نيب سنڌ کي فوري طلب ڪري ٿا وٺون.  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪال اپ نوٽيس کانپوءِ  ڪندا ڇا آهيو، نيب وارا ڪال اپ نوٽيس کانپوءِ آرام سان ويهي رهندا آهن، ٻڌايو، ڪيترن سالن کان جاچ هلي رهي آهي ان تي ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي، نيب ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کانسواءِ ڇا ڪري رهي آهي، اوهان وٽ عدالت کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي. جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته سليمان ملاح نيب کي في الحال گهربل ناهي جنهن تي عدالت چيو ته اها ئي ڳالهه هاڻي لکي ڏيو، ٻه ٻه سال ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کانپوءِ چئو ٿا ته هي گهربل ناهي. شخص انڪوائري ۾ گهربل ناهي پر سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا آهيو، ڪنهن جي گهر ۾ ڪنهن جي آفيس ۾ گهڙي پوندا آهيو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 فيبروي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے