22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: ميرپور ساڪرو، نوابشاهه ۽ ميرپورساڪرو ۾ حادثن  سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ميرپور ساڪرو  ويجهو ٻھارا ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ خطرناڪ ٽڪر سبب ٻھارا واسي نوجوان صدورو سميجو ولد  حمزو سميجو عبدالستار ولد جمعون گبول ۽ ڪالو ولد ايوب چانڊيل فوت ٿي ويا.

حادثي ۾  ھڪ  زخمي به ٻڌايو پيو وڃي ، جنهن کي نازڪ حالت ۾ شيخ ميڊيڪل سينٽر ساڪرو مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي .

هوڏانهن  نوابشاھ سٺ ميل روڊ جي ڪچو پڪو اسٽاپ ڀرسان ڪار ۽ چنگچي رڪشه جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  اسڪول کان گهر ويندڙ 9 اسڪولي ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اسڪولي ٻارڙن کي اسپتال آندو

ٻئي طرف اسلام ڪوٽ  وٽ ننگرپارڪر روڊ تي اينگرو موڙ لڳ ميگهواڙ برادري سان تعلق رکندڙ ڄاڃين جي مزدا گاڏي ۽ لانگ جيپ جو زوردار آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو،جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ ڪنوار ۽ ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپني جي ملازمن سميت 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے