21 اتوار , اپریل 2019

پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ڇو آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جا ڪجهه پارليامينٽ ميمبر اي سي ايل کان ڊنل ۽ پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ڇو آهن.  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جا ڪجهه قانوندان اي سي ايل کان ڊنل ڇو آهن ۽ پرڏيهي وڃڻ کان ڊنل ڇو آهن.  هن چيو ته سياستدانن کي ملڪ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ملڪ سان محبت جا دعويدار پرڏيهي دورن لاءِ انتظار نه ٿا ڪري سگهن، ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن وٽ پرڏيهه ملڪ رهائش ۽ اقاما به آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڇا ڪو اسان جي عجيب ۽ غريب حقيقت مان وضاحت ڪري سگهي ٿو ته اسان پاڪستان ۾ خوش آهيون ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ڇو ته اسان پاڪستان سان محبت ڪريون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani officials, IMF agree to continue talks during video conference

آءِ ايم ايف وفد هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے