22 جمعہ , فروری 2019

لوئي ويل ايئرپورٽ جو نالو باڪسنگ چيمپيئن محمد علي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو

لوئي ويل (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪينٽڪي جي اختيارين لوئي ويل (Louisville) انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري باڪسنگ چيمپيئن محمد علي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل هڪ پريس رليز موجب ايئرپورٽ انتظاميا جي بورڊ 16 جنوري تي ووٽنگ ذريعي اهو فيصلو ڪيو. دي هِل جي رپورٽ موجب ايئرپورٽ اختياريون محمد علي جي وارثن کان سندس نالو استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششون ڪري رهيون آهن ۽ اهو معاهدو ٿيڻ وارو آهي. واضح رهي ته باڪسنگ چيمپيئن محمد علي 3 جون 2016 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو، لوئي ويل سندس اباڻو شهر آهي، جتي کيس دفن ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل 4: پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

شارجا(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي نائين ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے