16 ہفتہ , فروری 2019

هاڻ قومي اسيمبلي ۾ ڪير به ڪِريل ٻولي استعمال نه ڪندو…

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪِريل ٻولي استعمال نه ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تقرير تي گلا ڪئي. هن چيو ته هڪ سوال ڪيو هو، ان جي جواب ۾ ڪِريل ٻولي استعمال ڪئي وئي. شهباز شريف جي دانهن تي قومي اسيمبلي اسپيڪر چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ايوان ۾ ڪير به اهڙي قسم جي گفتگو نه ڪندو. حڪومت طرفان بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ به ايوان ۾ چيو ته مان گارنٽي ڏيان ٿو ته ڪير به غير پارلياماني حرڪت نه ڪندو، جهيڙي سان اسان سڀني جو تماشو بڻجي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے