21 جمعرات , فروری 2019

ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ڳالهيون ختم ناهن ٿيون: پي سي بي چيئرمين

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ميچن ۾ مشهور عالمي ڪرڪيٽر پاڪستان ايندا، جڏهن ته آسٽريليا سميت ٻين ٽيمن سان رابطي ۾ آهيون، ٽاسڪ فورس رڳو پنهنجون تجويزون ڏئي سگهي ٿي، گرانٽ حڪومت جاري ڪندي آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ يوڪي ۽ اسپورٽس جرنلسٽس ڪرڪيٽ ميچ دوران پي سي بي چيئرمين احسان ماني خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ختم ناهي ٿيو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ سان سيريز جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن، پي ايس ايل ۾ ناليواري پرڏيهي ستارا پاڪستان اچي کيڏندا. هن وڌيڪ چيو ته سفارشون وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيون آهن، فنڊ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي پر هاڪي فيڊريشن منصوبو ٻڌائي، پوءِ فنڊ به ملي ويندا. احسان ماني موجب پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن ۾ تبديلي لاءِ حڪومت مداخلت نه ٿي ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

 روس ٽيلر نيوزي لينڊ جو هڪ ٻيو اهم ترين ريڪارڊ پنھنجي نالي ڪندو؟

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جو هڪ ٻيو اهم ترين ريڪارڊ ماسٽر بيٽسمين روس ٽيلر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے