20 ہفتہ , اپریل 2019

جي آءِ ٽي رپورٽ مان ڪنهن جو به نالو ناهي ڪڍيو ويو: شهزاد اڪبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ مان ٻنهي جا نالا ناهن ڪڍيا ويا.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر عدالت عظميٰ جي فيصلي تي ڪجهه خدشا ظاهر ڪندي چيو ته عدالتي حڪم موجب نيب سنڌ جي وڏي وزير ۽ پ پ چيئرمين جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ سفارش ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ جي آءِ ٽي لاءِ هدايت موجود آهي ته اها نيب کي مدد فراهم ڪري ۽ نيب عدالت عظميٰ جي حڪم جو انتظار ڪرڻ بنا ئي ريفرنس داخل ڪري، ريفرنس اسلام آباد ۽ راولپنڊي احتساب عدالتن ۾ داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته نئون چيف جسٽس ڪيس جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ جج مقرر ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ميڊيا بابت خاص صلاحڪار افتخار دراني چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن جي ترقياتي ۽ غير ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ جي منظوري گهرو وزارت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جون 20 ٻيڙيون نيلام ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڪابينا رٽائرڊ ميجر جنرل عامر عظيم کي پي ٽي اي چيئرمين ۽ 21هين گريڊ جي آفيسر علي رضا کي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جو سيڪريٽري مقرر ڪيو، جڏهن ته نيب لاءِ 75 ڪروڙ رپين جي اضافي گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے