22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: سائين جي ايم جي 115 هين سالگرهه، 6 قومپرست پارٽين جا جلسا، گڏيل طور ڪيڪ ڪاٽيو ويو

 جي ايم سيد ذاتي مالي وسيلا استعمال ڪيا،پيپلزپارٽيءَ سنڌ کي تين وال ڪري ڇڏيو : جلال محمود شاهه

سنڌي ملڪ ٺاھيندڙ مان آھن  ان  باوجود انهن کي حق نه ٿا ڏنا وڃن: سيد زين شاهه

 جي ايم سيد جي عدم تشدد جي واٽ  ذريعي سنڌ جي  آجپي لاءِ جدوجهد جاري رهندي: صنعان قريشي

 جي ايم سيد سنڌين کي شاندار مستقبل ڏيڻ  لاءِ عدم تشدد وارو نظريو ڏنو: رياض چانڊيو

سائين  جي ايم سيد سنڌين جي وڃايل سڃاڻپ  بحال ڪرائي: شبير  جمالي

سائين جي ايم سيد جي نظريي ۾ ئي سنڌ جو آجپو آهي: سوڀ قمر ڀٽي

سنڌ اندر عدم تشدد واري سياست جا در بند ڪيا پيا وڃن:ڊاڪٽر صفدر سرڪي

جديد قومپرستي  جي باني سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرهه 6 قومپرست پارٽين پاران ڌار ڌار جلسا ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا .

جيئي سنڌ سان لاڳاپيل 6 پارٽين جن ۾ جست ( شفيع ڪرناڻي ) جسقم ( آريسر ) جست ( صفدر سرڪي ) جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ، جسم ( سرور گروپ ) جسقپ جا اڳواڻ قومي ڪارڪنن قافلن جي صورت ۾ سن پهچي  سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ جو گڏيل ڪيڪ ڪاٽيو.

 قومي تحريڪ سان لاڳاپيل اڳواڻن جن ۾ اسلم خيرپوري ، امير آزاد پنهور، شبير جمالي ، سورهيه سنڌي ، عبدالفتاح چنا ، نواز خان زنئور ، سوڀ قمر ڀٽي ، صوفي حضور بخش پنهنجي گڏيل  پريس بيان ۾ چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جا پيروڪار عدم تشدد واري نظريي تي عمل ڪندي جدوجھد ڪري رهيا آهن پر قانون نافض ڪندڙ ادارن پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي سلسلي ۾ سن ڏانهن ايندڙ قومي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري سيد جي فڪر تان هٽائي نه ٿو سگھجي.

 ايس يو پي جي جلسي کي  خطاب ڪندي  سيد جلال محمود شاهه  چيو ته سائين  جي ايم سيد نه پير ھو نه مرشد ھو جنهن پاڻ پيري مرشدي کي ختم ڪيو،  سائين جي ايم سيد  ھڪ فلاسافر سياستدان ھو. جنهن زندگي جا اصول فلسفا طئي ڪري انهن تي عمل ڪري سياست ڪئي ۽ پنهنجا ذاتي مالي وسيلا استعمال ڪري سياست ڪئي پر اڃ پيپلزپارٽيءَ سنڌ کي تين وال ڪري ڇڏيو آهي .

 ايس يو پي سربراھ اعلان ڪندي چيو ته  24 فيبروري تي ڪراچي ۾ سنڌو تي  درياهه تي ڊيم اڏڻ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن  وسيلن جي مالڪي ۽ ڪرپشن جي خلاف مارچ ڪيو ويندو

ايس يو پي جي اڳواڻ  سيد زين شاھ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته   سنڌي ملڪ ٺاھيندڙ مان آھن پر ان  باوجود اسان کي پنھنجا حق نه ٿا ڏنا وڃن .

هن چيو ته سنڌ سان جيڪي ناانصافيون ٿي رھيون آھن ان جي ذميواري پ پ پ آھي ـ

بلوچستان نيشنل ڊيموڪرٽڪ پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ايس يو پي جي جلسي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي بلوچن ۽ سنڌين کي تسليم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي . رٽائر جسٽس وجيهه الدين جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جي ايم سيد پاڪستان  ٺاھڻ وارن مان ھو ـ پاڪستان ٺھڻ کان پھرين جي ايم سيد قائد اعظم سان خط ۽ ڪتابت ڪندو رھيو

ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو، ادريس چانِڊيو، پروفيسر انعام ڀٽي ، ايس يو پي يوٿ جو مرڪزي صدر عرفان چانڊيو ،ملڪ چنگيز خان ،عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ وشنو مل،قومي عوامي تجحريڪ جي انور علي، ايس يو پي عورت اڳواڻ عاصمه ابڙو، پي ٽي آءِ حيدرآباد جي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو،ايس يو پي آمريڪا جي صدر ذوالفقار ۽ ٻين خطاب ڪيو .

 جسقم جي جلسي  کي خطاب ڪندي  صنعان خان قريشي  چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ۾ روڪاوٽون وجهڻ باوجود سيد جي لکين پيروڪارن سن ۾ گڏ ٿي هڪ نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ معصوم ٻار مري رهيا آهن جن جي ڪا به دارو دوا نه پئي ٿئي جيڪو حڪمرانن جي نااهلي جو ثبوت آهي.

 ثنان  قريشي  چيو ته هو پر امن سياست تي يقين رکن  ٿا ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد جي واٽ ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار ڪيل رستي تي هلندي سنڌ جي تاريخي وجود جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

سالگرھ جلسي کي جسقم سينئر وائس چيئرمين امجد خان مھيسر چيو ته سيد جي سالگرھ ۾ قومي ڪارڪنن کي روڪي، تلاشي وٺڻ دوران ڪنهن به ڪارڪن وٽان ڪو به هٿيار يا غير قانوني ڪا به شي ناهي نڪتي جنهن مان ثابت ٿيو ته  هو پرامن ۽ هٿين خالي آهن،.

سيد جي سالگرھ کي جسقم مرڪزي اڳواڻ ۽ نوجوان شاعر ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته مذهبي انتهاپسندي ۾ ماڻهو جو ڳلو ڪٽيو  پيو وڃي، ماڻهو کي ماريو پيو وڃي، جن مٿان ڪا به ڪارروائي نه پئي ٿئي پر سيد جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽڻ تي بندش آهي، پر اڄ قومي ڪارڪنن اهو ثابت ڪيو هو سيد جا حقيقي پيروڪار آهن.

مومن سمون ڏاڏي اطهر سومري،  ايڊووڪيٽ الطاف شر، صفدر تنيو، ياور مهيسر ۽ ٻين  پڻ خطاب ڪيو،

 جيئي سنڌ محاذ ( رياض چانڊيو ) طرفان سائين جي ايم سيد جي 115هين سالگرھ   جي جلسي گاھ ۾ سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي جلسي جي شروعات ڪئي.

جلسي  جي صدارتي خطاب ڪندي رياض چانڊيي چيو ته سائين جي ايم سيد سن سنڌين کي شاندار مستقبل ڏيڻ جي لاءِ عدم تشدد وارو نظريو ڏنو، سيد واضع چيو ته اهي رياستون ترقي ڪنديون آهن جيڪي انصاف تي ٻڌل هونديون آهن، ، دنيا جي نقشي تي اهي ملڪ شاندار شڪل ۾ موجود آهن، جتي جي قومن جو وجود تسليم ڪيو وڃي ٿي.

هن چيو ته سائين  جي ايم سيد چيو هو ته رياست کي مذهب کان جدا ڪري هلايو وڃي.

جسم جي سينئر وائس چيئرمين عزيز الله ڀٽي جلسي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد  مذهبي جنونيت خلاف 1952 ع ۾ خبردار ڪيو هو ته مذهبي انتها پنسدي کي هٿي ڏيڻ دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي جيڪو هاڻ ٿي چڪو آهي.

 جسم جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي سالگرھ جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي دنيا سيد جي فڪر تي ڌيان ڏئي پيغام سنڌ سان دنيا ۾ امن ممڪن ٿي سگھي ٿو. انسان ذات جي شڪسي بحران جو حل قومي آزادي ۾ آهي .

جلسي کي مرڪزي اڳواڻ عابد حيدري ، جاويد عمراڻي ، ايڊووڪيٽ سجاد سولنگي ، اسد الله سومرو ، نسيم شاهاڻي اياز لنجار ، اياز سولنگي ، اين ڊي پي صدر ممتاز بروهي حبدار ميرجت ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ( شفيع ڪرناڻي ) جي مرڪزي چيئرمين شبير جمالي ، سورهيه سنڌي حاجي انور ڪرناڻي ، نصير منگي ، آڪاش کٽي  ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌين جي وڃايل سڃاڻپ  بحال ڪرائي ۽ انهن کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني.

هنن انساني حقن جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ مان جبري گمشدگين جو نوٽيس ورتو وڃي.

 سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ جي سلسلي ۾ جسقپ جي مرڪزي آرگنائيزر سوڀ قمر ڀٽي جي ڳواڻي ۾  قافلو مزار جي ايم سيد پهچي گلن جي چادر چاڙهي سائين جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو،  ان موقعي تي سوڀ قمر پٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سائين جي ايم سيد جي نظريي ۾ ئي سنڌ جو آجپو آهي ان ڪري هو سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري اهو وچن ڪيون ٿا تائين جي ايم سيد فڪر فلسفي ،  کي جھر جهنگ تائين پهچائيندا.

 جيئي سنڌ تحريڪ ( صفدر سرڪي ) جي طرفان سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ جي سلسلي ۾ جست جي قائم مقام صدر عبدالفتاح چنا ، گدا ڪنگو رحمان جتوئي ، مصعود شاھ جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ سن پهچي مزار جي ايم سيد حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي .

رٿيل جلسي ۾ سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي جلسي جي شروعات ڪئي وئي.

 ان موقعي جست جي مرڪزي چيئرمين صفدر سرڪي ويڊيو ڪال ذريعي جلسي کي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته اڄ پوري سنڌي قوم جي لاءِ قومي عيد جو ڏينهن آهي ڇو جو سائين جي ايم سيد جو جنم سنڌ ۾ ٿيو، جنهن کي اسين نيئن سنڌ جو جنم سمجھون ٿا.

هن چيو ته سنڌ اندر عدم تشدد واري سياست جا در بند ڪيا پيا وڃن ڇو جو رياست سيد جي ان نظريي کان خوف زدھ ٿي وئي آهي

جلسي کي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چني خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جنهن سنڌي قوم کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني پنهنجي فڪر ۽ عمل ذريعي سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي جي لاءِ زندگي جي آخري هڏڪي تائين ايمانداري ۽ سچائي سان بيٺو رهيو

جلسي کي گدا ڪنگو  جمال ناصر ، خالق خاصخيلي رحمان جتوئي ، مصعود شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي طرفان سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھ مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ، امير آزاد پنهور ، سرمد ميراڻي، ۽ ٻين قافلي جي صورت ۾  مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي .

 سائين جي ايم سيد جي پيراندي کان ٿيل جلسي کي جسقم جي مرڪزي چيئرمين اسلم خير پوري خطاب ڪندي چيو ته رياست سن جي طرف وڃڻ  وارن سمورن رستن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ۽ انهن جي اهڙين ڪوششن کي سيد جي پيروڪارن ناڪام بنائي سائين جي ايم سيد جي  سالگرھ  ۾ سيد جي فڪري پوئلگن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. رياست قومي ڪارڪنن جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

 جسقم مرڪزي سنيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته رياست قومي ورڪرن کي ڳولي ڳولي کنڀي رهي آهي ، جهموريت جا راڳ الاپڻ  واري حڪومت ۾ مار شالا کان وڌيڪ ننگي بڻجي ڪم ڪري رهي آهي ،

 سرمند ميراڻي غازي خان جکراڻي ، اشرف بهلم ، ملوڪ کوسو ، تاج جويو  ۽ ٻين جلسي  خطاب ڪيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ن ليگ آغا سراج دراني جي گرفتاري کي ڪيئن ٿي سمجهي؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه ۽ بلوجستان جي صدر جنرل (ر) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے