22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: موهن جي دڙي جي آثارن کي ڪئين بچائجي؟ آرڪيالاجي ماهرن مشورو ڏئي ڇڏيو

قديم آثارن کي ڪيئن بچائجي؟موهن جو دڙو  ۾  تربيتي ورڪشاپ جاري آهي .

آرڪيالاجي ماهرن برساتون سم ڪلر لوڻياٺ قديم آثارن لاءِ وڏا خطرا قرار ڏيندي  ڪنزرويشن جو ڪم مسلسل جاري رکڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي .

آرڪيالاجي کاتي پاران قديم ماڳ مڪانن جي آثارن کي سم ڪلر گهم لوڻياٺ ۽ ٻين خطرن کان بچائڻ ۽ ناياب نوادرات کي اصل حالت ۾ برقرار رکڻ بابت موهن جو دڙو تي هڪ تربيتي ورڪشاپ چئن ڏينهن کان جاري رکيو.

 آرڪيالاجي کاتي جي ماهر انجنيئر غلام مرتضا کوسو، آرڪيالاجي ڪيميسٽ صفدر خان، ارشاد علي سومرو، توصيف احمد، خورشيد احمد ۽ ٻين غير تربيت يافته   ڪيوريٽرن اسٽنٽ ڪيوريٽر ڪوشيلاٻائي ، فوزيه ملاح، سنڌو چانڊيو، صائمہ عامر ميمڻ، خير محمد، ڪيلاش ڪمار، احسان عباسي ارشد جتوئي ۽ ٻين کي قديم آثارن جي تحفظ ۽ بحالي بابت سکيا ڏني .

 ان موقعي تي آرڪيالاجي ماهرن جو چوڻ هو ته قديم آثارن کي برساتن، سم ڪلر گهم لوڻياٺ سميت قديم آثارن کي مختلف خطرا هجن ٿا انڪري قديم آثارن کي سڀني خطرن کان بچائڻ ۽ قديم آثارن مان جيڪي ناياب نوادرات هٿ آيا آهن، انهن کي عجائب گھرن ۾ نمائش لاءِ رکيو ويو آهي انهن کي اصل حالت ۾ برقرار رکڻ بابت آرڪيالاجي کاتي جي ملازمن کي ڄاڻ هجڻ انتهائي ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ٺٽو: ڪينجهر پاڙي جي اسڪول جو مرمتي ڪم رولري جو شڪار

* ٺٽي شھر ۾ قائم ڪينجهر پاڙي جي اسڪول جو مرمتي ڪم 12 ورهيه گذرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے