20 ہفتہ , اپریل 2019

رپورٽ: ميرپور بٺورو جو چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ تڪرار آهي ڪهڙو؟ ڌرين هڪٻئي تي الزام مڙهي ڇڏيا

 ميرپوربٺورو ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن  ، ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن پاران هڪٻئي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري الزام مڙهيا آهن .

 ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اياز ميمڻ وائيس چيئرمين محمد صديق سوھو سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو  ته هو ڪنهن جي چوڻ تي چيئرمن شپ تان  استعيفيٰ  نه ڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ڪائونسلر نٿا چاهين ته شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿين جنهن ڪري هن خلاف اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي

ٻئي طرف ٽائون ڪميٽي ميرپوربٺورو جي عورت ڪائونسلر سميت چئن ڪائونسلرن عبدالغفور ميمڻ، اقبال شوري ،گرمکداس ۽ صاحبرا کٽي پريس ڪلب ۾ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو ته ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين گذريل ٽن سالن دوران ملي ڀڳت ڪندي  ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، شهر اندر ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو ويو آهي.

هنن چيو ته ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين پنهنجي ڪيل ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گذريل ٻن سالن کان ڪائونسل جو اجلاس به گهرائڻ لاءِ تيار ناهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے