21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  زوردار ٽڪر  لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن .

حادثي  جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ سانڪي جا رهواسي ڳوڌو ڪوڀر ۽ حليم ڪوڀر سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي  ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين رحيميار خان ريفر ڪيو  ويو .

هوڏانهن ڏهرڪي پوليس ڪار ۽ ڪار جي ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے