22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:ڀان سيدآباد: ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ معصوم ٻارڙي گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪري فوت، احتجاج

ڀان سيدآباد ويجھو ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ معصوم ٻارڙي راند ڪندي گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، وارثن ٽائون انتظاميھ جي لاپرواهي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ ٻن سالن جي ٻارڙي ناياب ميمڻ گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.

نينگري جي وارثن راجا ميمڻ ، شفيع محمد ميمڻ،  يوسف ميمڻ،  غلام حسين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻارڙي جو لاش  رکي ٽائون  انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽  احتجاجي مظاھرو ڪري  ڌرڻو ھنيو .

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ڪافي عرصي کان سندن ڳوٺ جي نالن جي صفائي نھ ٿي آهي ۽ گٽرن جون ناليون وهڻ روز جو معمول بڻيل آهن.

هنن چيو تھ ڪيترائي ڀيرا انتظاميھ کي شڪايتون ڪيون آهن پر تدارڪ نھ پيو ڪيو وڃي ۽ اڄ سندن ٻن سالن جي ٻارڙي ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي آهي.

ھنن مطالبو ڪيو ته گٽرن ۽ نالن جي صفائي ڪرائي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن،  ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے