22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:قمبر: ڀائيٽن جو چاچي تي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي سخت تشدد

قمبر جي مستوئي پاڙي جي رهواسيي دانهيو آهي تھ ملڪيت مان حصو گهرڻ تي سندس ڀائٽين سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

مستوئي پاڙي جي رهواسي  نعمت الله ۽ سندس پٽ آمر علي ۽ سمير مستوئي  پريس ڪلب اڳيان داهيندي چيو پنهنجي ڀائٽين کان گهر مان حصو گهريو جنهن تي هو ڏمرجي پيا ۽ کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن چيو تھ  ڳوٺ جي نيڪ مرد سندن گهر جي ورهاست جو فيصلو به ڪيو هو  پر اڳيئن ڌر عمل نه ڪيو.

متاثرن دانهيو تھ  حق گهرڻ تي جوابدار وحيد، سعيد، رياض، اياز، مختيار مستوئي ۽ ٻين مٿن لوهي سيخن، ڏنڊن ۽ چاڪن سان حملو ڪري کين سخت زخمي ڪيو.

هنن چيو تھ هو غريب مسڪين ماڻهو آهن ۽ جوابدار بااثر هجڻ ڪري سندن پوليس بھ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

متاثرن  ڊي آئي جي لاڙڪاڻي ، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ۽ ملڪيت مان حصو ڏياريو وڃي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے