20 ہفتہ , اپریل 2019

سنڌ جي صحت جا ادارا وفاق حوالي ٿيڻ…!

18- هين ترميم  کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران صحت جا اُهي ادارا جيڪي وفاق کان سنڌ جي انتظام هيٺ آيا هيا جن جو انتظام به سنڌ حڪومت سنڀالي ورتو هو پر پوءِ وري اهي ادارا وفاقي اختيارين زبردستي پنهنجي انتظام هيٺ ڪيا، جنهن بعد سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ته 18- ترميم بعد جن ادارن جا اختيار سنڌ سنڀالي ورتا آهن اهي سنڌ جي حوالي ئي ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ سنڌ حڪومت اهو موقف اختيار ڪيو هو ته 18- هين ترميم بعد صحت جا جيڪي ادارا سنڌ جي انتظام هيٺ آيل آهن اهي سنڌ جي انتظام هيٺ ئي رهڻ ڏنا وڃن، سنڌ حڪومت داخل ڪيل اهڙي درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو هو ته 18- ترميم قومي اسيمبليءَ جي ايوان مان منظور ٿيل آهي جنهن بعد نه فقط صدارتي اختيار پارليامينٽ ڏانهن منتقل ٿيا آهن، پر اهڙيون ڪيئي وزارتون پڻ صوبن ڏانهن منتقل ٿيون آهن جن جو سڌو سنئون صوبن جي عوام سان واسطو آهي، سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي اهڙي درخواست کي رد ڪندي فيصلو صادر ڪيو آهي ته صحت جا ادارا وفاق جي انتظام هيٺ هيا اهي وفاق جي انتظام هيٺ ئي رهندا، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار 18- هين ترميم متعلق فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ سنڌ حڪومت جي رد ڪيل درخواست متعلق سبب تفصيلي ۾ محفوظ ڪيا ويا جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

چيف جسٽس جي اهڙي فيصلي بعد جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ نيشنل اسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ سڌو سنئون وفاق جي انتظام هيٺ اچي ويندا. پاڪستان جي آئين ۾ 18- هين ترميم 8 اپريل 2010ع تي قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪئي وئي هُئي جنهن تحت صدر وٽ موجود سمورا ايگزيڪٽو اختيار پارليامينٽ ڏانهن منتقل ٿيا ۽ ڪيئي وفاقي وزارتون ختم ٿيون يا انهن جا اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيا، 18- ترميم ملڪ جي آئين ۾ پهريون دفعو ٿيل هڪ اهڙي آئيني ترميم آهي جنهن کي ملڪ جي چئني صوبن جي عوام ڀلي ڪار ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو، 18- ترميم کانپوءِ  ئي ملڪ جي عوام کي اهو احساس ٿيو ته هو به هن ملڪ جي اختيار ۽ اعزازن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن.

چيف جسٽس جي اهڙي فيصلي بعد سنڌ تي جيڪي فوري طور تي منفي اثر پوندا انهن ۾ جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ نيشنل اسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ جي سنڌ جي 100سيڪڙو ڪوٽا انتهائي نموني متاثر ٿيندي، ۽ فيصلي بعد ان ۾ وفاق، پنجاب، رٽائر فوجين، ڪشمير، بلوچستان، پختون خواهه  ۽ ٻين علائقن جي ڪوٽا گڏيل طور 80 سيڪڙو بيهندي جنهن بعد سنڌ لاءِ  20 سيڪڙو ڪوٽا بچندي جنهن ۾ سنڌ شهري ۽ ٻهراڙي ڪوٽا جي سراريءَ بعد سنڌين کي جيڪي نوڪريون ملنديون انهن جو انگ به ڪو لڪل نه آهي. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي بعد جيڪڏهن وفاق ۽ سنڌ گڏجي ڪري ادارا هلائيندا ته صوبي ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ پڻ اڻٽر آهي

حقيقت حال بيان ڪرڻ بعد اسان اهو بحث مقصود ناهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو درست آهي يا غلط، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو آهي اهو اکين تي پر اسان هتي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ وڌيڪ پسند ڪنداسين ته جن ادارن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد وفاق جي حوالي ڪيو ويو آهي، اهي ادارا ملڪ جي پارليامينٽ جي فيصلي بعد آئين ۾ ڪيل ترميمن جي نتيجي ۾ سنڌ جي انتظام هيٺ آيا هيا، هاڻي جيڪڏهن انهن ادارن کي وري وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان جو مقصد 18- هين ترميم کي رد ڪرڻ ٿيندو.

اسان جو خيال آهي ته پارليامينٽ ۾ ٿيل فيصلا پارليامينٽ ۾ ئي رد ٿيڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ موزون پليٽ فارم نه آهي، اسان انهيءَ خيال جا پڻ آهيون ته صحت نج عوامي مسئلو آهي ۽ ان جي ڪنهن به شعبي، سهولتن ۽ اختيارن جو جيتري قدر هيٺ عوامي سطح تي هوندا اوترو ئي عوام کي فائدو ٿيندو، سنڌ جي صحت جي ادارن کي وفاق حوالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ دلچسپ امر اهو به آهي ته 18- هين ترميم بعد هن وقت تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ نه ته ڪا صحت جي وزارت آهي ۽ نه ئي ڪو صحت جو وزير آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي صحت جي ادارن جو وفاق حوالي ٿيڻ پڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن جي تاريخ مشڪل سان 80- سال مس ٿيندي، انهيءَ مختصر تاريخ دوران هي ملڪ ٻه ٽڪر ٿي چڪو آهي، چاليهه سال آمريتن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو آهي، ڪيئي دفعا آئين رد ۽ بحال ٿيو آهي، ان ۾ ايتريون ته ترميمون ڪيون ويون آهن جو ان جي اصل شڪل ئي بگڙي وئي، عوام اڄ به انهيءَ انتظار ۾ آهي ته کين جمهوريت جي نالي سٺي حڪومت ملي، آئين جي نالي کين پنهنجا حق ملن، حڪومت جي نالي کين ڪا سڻائي ۽ سُڪار ملي، حڪمرانن نالي ڪي ساڃاهه وند انسان ملن ۽ عدالتن جي نالي ۾ کين اهڙا ادارا ملن جيڪي کين انصاف مهيا ڪن، پر افسوس جهڙي صورتحال اها آهي ته اڄ تائين ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه سنوڻ نظر نه ٿو اچي…………

جمعو 18 جنوري  2019ع، 11 جمادي الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

آخر نيب کي ڪيترا اختيار گهرجن…؟

پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي اهڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن جي سڄي دنيا ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے