16 ہفتہ , فروری 2019

وفاق اين آءِ سي وي ڊي لاءِ رقم ڪٿان آڻيندو؟ بلاول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايوان ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان فيصلا ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻه اڻ چونڊيل ماڻهو قلم جي چهنب سان ختم ڪري ڇڏين ٿا تنهن ڪري جمهوريت ۾ هو نه ٿو ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس جي آءِ ٽي کان پڇا ڪئي ته ڪنهن جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو پر ان سوال جو جواب ئي نه ٿو ملي، جڏهن ته وزيراعظم ايوان جي اجلاس ۽ اي سي ايل بابت بيان ڏنو سٺو ٿي ها ته وزيراعظم ٽوئٽ بدران اسيمبلي ۾ بيان ڏي ها، وزيراعظم سامهون ڳالهائي ته جيئن کيس سامهون جواب ڏيو پر کيس همت ئي ناهي. هن چيو ته  سنڌ سرڪار اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون عالمي معيار جون اسپتالون قائم ڪيون جنهن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو آهي، هي دنيا ۾ مفت علاج جي سهولت ڏيندڙ وڏو ادارو آهي،  جيڪڏهن واقعي سپريم ڪورٽ هي ادارو سنڌ کان کسي ٿي ته منهنجي لاءِ سنڌ جي عوام کي سمجهائڻ ڏکيو هوندو، مان سمجهندس ته ارڙهين ترميم تي حملو آهي. هن چيو ته  وزيراعظم ملڪ هلائڻ لاءِ سڄي دنيا مان چندو  گهري رهيا آهن، 14 بلين جي اين آءِ سي وي ڊي هلائڻ لاءِ ڪٿان پسئو آڻيندا،  جيڪڏهن اهو فيصلو ٿئي ٿو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته هي پئسو ڏيندا ۽ اسپتال ۾ مفت علاج جاري رهندو ڇو ته ايئن ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن اتفاق ڪيو آهي ته عوام جي معاشي، انساني ۽ جمهوري حق تي سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، هڪ  ڏينهن ايندو پي ٽي آءِ به مسئلن تي اسان جو ساٿ ڏيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي معاشي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين، جدوجهد کانپوءِ صوبن کي حق مليا آهن، ڪو به اهي کسي نه ٿو سگهي ۽ نه وري ڇنڻ ڏينداسين.  قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي نواز ليگ جي ايم اين اي  سعد رفيق  چيو آهي ته 71 سالن جي تاريخ آهي ته  جيڪو  محب وطن هوندو آهي ان کي  ئي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو . سعد رفيق  چيو ته  خان عبدالولي خان،  اڪبر بگٽي ۽  جي ايم  سيد  کي غدار قرار ڏنو ويو  جنهن سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان  ٺهراءُ  پيش ڪيو ، ان تي غداري جي مهر لڳائي وئي . خواجه سعد رفيق چيو ته بي پناهه دٻاءٌ جي باوجود اسپيڪر طرفان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڳالهائڻ جو حق ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان ، هن چيو ته جيل ۾ هڪ سي

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے