22 جمعہ , فروری 2019

پاڻي ڪميشن جو سواليه نشان بڻيل مستقبل

ماريا اسماعيل

ٻيو ۽ آخري حصو

پاڻي ڪميشن پنهنجي ٺهڻ کان وٺي هيل تائين سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان جيڪي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا، تن کي ڏسي ۽ پڙهي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمن کان ويندي واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس تائين، واٽر فلٽرس کان ويندي اسڪولن توڙي اسپتالن ۾ مهيا ٿيندڙ پاڻي تائين جون حقيقتون اهي رهيون ته اهو پاڻي انسانن ته ڇا پر جانورن جي به پيئڻ لائق ناهي ۽ سنڌ واسين کي اهو زهريلو ۽ گدلو پاڻي ڏهاڪن کان پياريو پيو وڃي. ان کان علاوه حڪومت جي ڪارڪردگي جي پت به چڱي نموني وائکي ٿي سامهون آئي ته ڪروڙين اربين رپين جون اسڪيمون نه رڳو ناڪارا پر ڪيترن ئي هنڌن تي بند پيل نظر آيون ۽ اڪثر واٽر فلٽر پلانٽس به غير فعال نڪتا. مجموعي طور تي ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جي معيار موجب صاف پاڻي سنڌ ۾ ڪٿي به مهيا نه پيو ٿئي. مسئلو رڳو پيئڻ جي صاف پاڻي جو به ناهي پر گندي پاڻي جي نيڪال کان ويندي گند ڪچري جي صفائي جا به مسئلا آهن ۽ ڪميشن پاران ورتل جائزي ۾ جنهن سنڌ جو نقشو سامهون آيو سو يقينن انهن حڪمرانن لاءِ شرمندگي جو مقام هجڻ گهرجي جيڪي ڏهاڪن کان سنڌ مٿان حڪومت ڪندا رهيا پر هنن سنڌ کي وسيع گٽر نالي ۾ بدلائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي واٽر ڪميشن نه جوڙي وڃي ها ته اڃان الائي ڪيترا سال اها صورتحال جيئن جو تيئن رهي ها بلڪه ويتر اها بد کان بدترين ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته حڪمران طبقي جي دعوائن ۽ اوليت ۾ جيڪو فرق رهندو آيو آهي، تنهن هن صوبي جي عوام کي ويتر مصيبتن ۾ مبتلا ڪرڻ کانسواءِ ڪو رليف ناهي ڏنو. يعني هن ايڪيهين صدي ۾ به اسان جا ڪروڙين ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي واري انتهائي بنيادي سهولت کان به محروم هجن، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو پيٽ جي سنگين موتمار بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ته ان کان وڌيڪ بدبختي جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ڪميشن جي دورن يا ورتل جائزي دوران ڪيترن ئي موقعن تي اها ڳالهه به آڏو آئي ته فيڪٽريون هجن يا منرل واٽر مهيا ڪندڙ ڪمپنيون، جڏهن انهن جي سائٽس يا پاڻي جي نمونن جي ليباريٽري ٽيسٽ ڪرائي وئي ته نه رڳو وڏين وڏين ڪمپنين جو پاڻي پيئڻ لائق نه نڪتو پر فيڪٽرين جو زهريلو مواد پڻ واٽر سپلاءِ وارين لائينن ۾ ويندي نظر آيو. ان تي معزز ڪميشن سربراهه پاران حڪم به جاري ڪيا ويا پر ڄاڻايل ڪمپنين سهڪار کان انڪار ڪيو جنهن تي سخت نوٽيس وٺڻ بعد کين معافي وٺڻي پئي. هي ڳالهه ان روايتي مجرماڻي ذهنيت جو مظهر آهي جنهن ۾ ديدا دليري سان ڏوهه ڪري وري ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويندو آهي.

جهڙي نموني سان واٽر ڪميشن سنڌ جي پيئڻ جي پاڻي توڙي گندي پاڻي جي نيڪال واري پوري نظام جي پت کولي ڇڏي آهي، اتي سنڌ حڪومت کي به اکيون کولڻ گهرجن، جنهن جي مجرماڻي غفلت ۽ لاپرواهي سبب صورتحال ان حد تائين وڃي پهتي آهي.

ڪميشن جو مدو پورو ٿي ويو ۽ ان جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي پر اها خوش آئند ڳالهه آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين سنڌ حڪومت پاران ڪميشن جي مدي وڌائڻ ۽ ان کي جاري رکڻ جي سفارش ڪئي آهي، سندس موجب ڪميشن جي مدد سان ڪيترائي مسئلا حل ٿيا، ڪيترائي واٽر پلانٽس فعال ٿيا، تنهنڪري جيڪڏهن واٽر ڪميشن کي ختم ڪيو ويو ته ڪيترائي معاملا رڪجي ويندا.

اسين سمجهون ٿا ته بنيادي طور تي اهو ڪم يا ذميواري ڪنهن به عدالتي ڪميشن جي نه پر خود سنڌ حڪومت جو هجڻ گهرجي ته اها پاڻمرادو شهرين جي بنيادي حقن جو نه رڳو تحفظ ڪري پر کين اهي سهولتون به مهيا ڪري جيڪي حڪومت جي ذميواري هونديون آهن. پر جيئن ته اسان وٽ ذميواري جي انهي احساس ۽ ڪم جي اهليت تي پهچڻ ۾ وڏو وقت گهرج آهي، تنهنڪري اسان به سمجهون ٿا ته ڪميشن کي حتمي طور تي سنڌ کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي مهياي کان ويندي صحت ۽ صفائي جي بنيادي مسئلن جي حل تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ کي به گذارش آهي ته اها ڪميشن جي مدي ۾ واڌ ڪري!

اهو سنڌ جو اهم ڪيس آهي. هڪ هڪ ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو آهي۔ پاڻي زندگي جو لازمي جز آهي، ۽ ائين به ناهي ته پاڻي جي کوٽ آهي يا پاڻي جي صفائي ۽ مهيايءَ لاءِ پئسن جي کوٽ آهي، سڀ ڪجهه موجود آهي، بلڪه اها سموري بجيٽ ڪاغذن ۾ استعمال به ٿئي ٿي، پر  ڪامورا شاهي ۽ منتظمين سڄي بجيٽ کائي وڃن ٿا۔ هاڻي جڏهن عدالت سڳوري ان معاملي کي انتهائي سنجيدگيءَ سان کنيو آهي ته عوام کي به مڙسي ڪرڻي پوندي. پنهنجن شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي مهيايءَ ۽ گندي پاڻي جي  نيڪال جي نظام کي چيڪ ڪري، سيشن جج صاحبان وٽ فرياد داخل ڪرڻي پوندي. ان معاملي ۾ هر شهر ۾ قائم وڪيلن جون بار ايسوسيئيشنون به اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون۔

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے