21 جمعرات , فروری 2019

مني بجيٽ عوام لاءِ هڪ وڏو ڏمر هوندي..؟

مصطفيٰ جمالي

خير اڃان سال به ناهي ٿيو ته پي ٽي آءِ حڪومت وري نئون مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 155ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويندا. انڪري ڪير اسد عمر کان پڇي ته هن بجيٽ ۾ پاڪستاني عوام لاءِ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نندين وهايون آهن.اسد عمر پنهنجي وزارت مان عوام کي ڪهڙا سک ڏنا آهن جو هن مان هن بجيٽ ته سٺِي اميد رکجي سو جناب اسد عمر صاحب معاف ڪجو پر اها حيقيقت آهي ته اوهانکي غريبي جي ڪهڙي خبر..ته صبح جو اهو غريب جيڪو پنهنجا ٻچا لنگهڻان ڇڏي روزگار جي لاءِ شهر جي چوڪ تي وڃي مزدوري جي آسري تي ويهي ٿو رهي،پر جڏهن کيس ڪا به مزدوري ناهي ملندي تو هو مايوسي وارو منهن کڻي واپس موٽندو آهي ته ان وقت سندس احساس ڪهڙا هوندا آهن.؟سندس سوچ ڪهڙي هوندي آهي.؟پر افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو انهيءَ حڪومت تي جيڪا عوام جي دردن کي نه ڄاڻي سگهي آهي.

وفاق پاران وفاقي بجيٽ 19جنوري تي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو بجيٽ سراسر امير دوست ثابت ٿيندي.اهو انهيءَ ڪري جو پاڪستاني حڪومت پاڪستاني عوام کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڇڏي ڏنو آهي محترم اسد عمر ناڻي واري وزير صاحب بجيٽ پيش ڪندو جنهن جو تعلق پڻ هڪ مالدار ۽ امير گهراڻي سان آهي،۽ سرمائيدار آهي،جنهن کي ڪهڙي خبر ته غريب هڪ وقت جي لولي لاءِ ڪهڙي مشقت ڪندو آهي،شايد انهيءَ ڪري اسد عمر غريب کي وڌيڪ سور ڏيڻ لاءِ اهو بجيٽ پيش ڪيو آهي ،هر سال ٽيڪس وڌائي ڪري اهو چيو ويندو آهي ته ٽيڪس ملڪ جي ترقي جو ڪرادر آهي. انهيءَ لاءِ اسد عمر صاحب کي عرض آهي ته غريب ته هڪ رپئي واري پيٽ جي سور جي گوري تي ٽيڪس ڏيندو آهي،ٽيڪس ته اهي وڏن پيٽن وارا ناهن ڏيندا جيڪي ايوانن جون ڪرسيون اجايون سيڙايون ويٺا آهن،برحال بجِيٽ جيڪو به هوندو اهو صرف لفظن جي هيرا ڦيري هوندو ٻيو ڪجهه نه،،بجيٽ ۾ جيڪي شيون مهانگيون ڪيون وينديون انهن جو تعلق سنڌ سنئون غريب غريب عوام سان ئي آهي جڏهن ته مالدار طبقي کي انهن شين جي مهنگاهي ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.. آزار ته ويچاري غريب عوام سان آهي،جيڪا رپيو آڻي ۽ رپيو جو کائي،بس پاڪستان ۾ هر حڪومت ۾ خزاني جا وزير بجيٽ پيش ڪري صرف اهو ٿا ڏسڻ چاهين ته ڏسون غريبن تان ڇاٿي گذري.

جڏهن ته ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ معيشت جو هونئن به ڏيوالو نڪري ويو آهي،۽ پاڪستان جي زراعت تباهي جي ڪناري ٿي پهچي وئي آهي،ٻاڄين کان ويندي عام واهپي شين جو اگهه ته ڳاٽي ٽوڙ بجيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر جڏهن انهن شين کي هڪ غريب هاري آباد ڪري مارڪيٽ ۾ آڻيندو آهي ته انهي غريب سان اهو ئي ظلم ساڳيو هوندو آهي جيڪو هن سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ڪيو ويو ويندو،آبادرگار طبقو ڏينهن به ڏينهن تباهي جي قطار تي وڃي پهتو آهي ۽ بجيٽ پيش ڪرڻ وارن کي انهيءَ غريب هاري جو ڪو احساس ناهي، هن دفعي جيڪو بجيٽ پيش ڪيو ويندو ان مان ايئن لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ڪو ڪارو مهنگائي جو جو نانگ پٽاري مان نڪري غريب کي ڏنگڻ لاءِ ڦوڪاري هڻي رهيو هجي، ان وقت ئي هر ماڻهو توبه توبه ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي ،جڏهن ته غريب ته غريب پر هن وقت صوبائي حڪومتن جي به هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي ته پيش ٿيندڙ بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي. جنهن کي هر حال ۾ تسليم نه ڪيو ويندو،اها به هڪ حيقيقت آهي ته جهڙي ريت بجيٽ ۾ شيون مهانگيون ڪيو ويون آهن انهي مان اها به ڳالهه واضع آهي ته عوام ته پهرين به بجلي.گئس،تيل،۽ِ ٻين ضروتن وارين شين جي ٻوج هيٺ اڳ ئي پلجي رهي آهي،مٿان وري ڊيوٽين ۾ اضافو،سيلزٽيڪس واڌئي ڪري فائيلر نان فائيلر جو چڪر هلائي ڪري انهيءَ عوام جي ويتر مجبور ڪيو ويو آهي،۽ افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته انهي بجيٽ کي ملڪ جي ترقي استحڪام جو سبب ٻڌايو پيو وڃي،جڏهن ته ملڪ جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ملڪ جي عوام کي پنهجو حق ملي،پر پاڪستان ۾ انهيءَ جي ابتڙ آهي هتي غريبن کي حق ڏيڻ بجاءِ انهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي،جڏهن ته ملڪ ۾ وڏن وڏن منصوبن جو ذڪر ته ضرور هوندو اتي ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، صحت،تعليم جو هر روز ڪندڙ معيار ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ناهي ايندو،!

افسوس ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته جهموري دور حڪومت ۾ حزب اختلاف پهريدار ۽ چوڪيدار هوندا آهن،پر انهن جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي،اپوزيشن به عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ سچ کي سامهون آڻڻ بجاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهي آهي ٻيو ڪجهه به نه..بيان بازيون عروج تي آهن ۽ اپوزيشن کان ويندي هر سياسي پارٽي ڪرپشن جو جواز ڄاڻائي ڪري حڪومت جي پويان پيل آهي پر اها عوام کي خبر ناهي ته چور ۽ ڀاڳئي جي پاڻ ۾ صلاح سان چوري ٿيل آهي،هاڻ هر ڪو اهو ئي چئي رهيو آهي ته احتساب گهرجي انصاف گهرجي،۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو وڃي،پر حال اهو آهي ،هن وقت جتي ملڪ ۾ احتساب جي ڳالهه هلي رهي آهي اتي پاڪستان جي سياست ۾ به ڪيترائي،سياست رنگ شامل آهن پيش ٿيندڙ بيجٽ ۾ عوام تي ڪنهن به قسم جو بار نه وڌو ويو آهي،انهيءَ تي مون هڪ انگريزي اخبار جو ڪارٽون ڏٺو جنهن ۾ به انهي ڳالهه جي عڪاسي ڪئي وئي هئي.ڪارٽون ۾ هڪ ڏٻرو ۽ غريب ماڻهو ڏيکاريو ويو هو جنهن تي اناج دالين ۽ ڀاڄين جا وڏا وڏا کوڙا انهي غريب جي مٿان سٿيا ويا هئا، انهيءَ ڪري حڪومت ڀلي ته ڪيتريون ئي وڏيون ڳالهيون ڇو نه ڪري پر پيش ڪيل بجيٽ سنڌوسئنون عوام دشمن بجيٽ آهي جنهن کي عوام ڪهڙي به حال ۾ قبول نه ڪندو،جڏهن ته قومي اسيمبلي جا ميبر به انهيءَ ڳالهه تسليم ڪري رهيا آهن ته پيش ڪيل بجيٽ عوام جي مٿان خودڪشين جو ڪرايل بم آهي، هن بجيٽ ۾ نه زراعت لاءِ ڪجهه آهي ۽ نه ٽيڪنالوجي لاءِ هن اهو به چيو ته اهڙي بجيٽ پيش ڪئي ويندي جيڪا عوام لاءِ هڪ ڏمر هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”دردان دي ماري دلڙي عليل اي!“

محمد خان دائود ڪوٽڙيءَ جي اگهيءَ ماءُ دوا لاءِ وئي.اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے