22 جمعہ , فروری 2019

سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ اڄ جي قومي قيادت

درياهه خان جهتيال

جديد قومپرستي جو بنياد وجهندڙ رهبر سنڌ سيد غلام مرتضيٰ شاهه(سائين جي ايم سيد)نه صرف قومپرست سياست جو باني، نئين سنڌ جو خوبصورت تصور ڏيندڙ آهي پر کيس جديد سنڌي ادب، ادب ۾ ترقي پسند روشن خيال لاڙن، قومي سوچ ۽ فڪر جو باني طور سڃاتو وڃي ٿو، سائين جي ايم سيد جتي سياست ۾ مُني صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي اتي قيد به ڪاٽيو ۽ اتي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ به پاڻ پتوڙيو،

سائين جي ايم سيد جو جنم 17 جنوري 1904ع تي سن ۾ سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ ٿيو، جنهن جي هڪ سال بعد والد محترم کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد کي سنڌي ٻولي سان عشق هو، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي واڌاري لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، سائين لسانيات جو به ماهر هو، سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ تاريخ بابت ”سنڌي زبان جو مسئلو” ڪتاب ان جو عملي ثبوت آهي، ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد  سنڌي ٻولي جي بين الاقومي حيثيت، انڊو آرين ٻولي ۾ سنڌي جي قدامت ڳالهائيندڙ جي تعداد جي لحاظ کان سنڌيءَ جي اهليت وسعت، تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌي جي اهم حيثيت پاڪ_هند جي ماڊرن ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت، سنڌيءَ جي اهليت ۽ اهميت، پاڪستان ۾ قومي زبان بابت مختلف نظريا، اردو قومي زبان بڻجڻ جي اهليت آهي ڇا، ۽ ٻيا مضمون شامل آهن، سائين جي ايم سيد سنڌي ثقافت جي اهميت ۽ افاديت بابت 1963ع ۾ ”سنڌ ڪلچر” ڪتاب لکي سنڌي ثقافت جي مفهوم، ترڪيب ۽ صورت بابت ڄاڻ ڏني، سائين جي ايم سيد جا 1976ع ۾ ”جُنب گذاريم جن سين”ڪتاب ۾ سياستدانن، قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، استادن، عورتن تي لکيل سوانحي خاڪا تاريخي اهميت رکن ٿا، سائين جي ايم سيد سنڌ جي سورمن بابت ڪتاب”سنڌ جا سورما”لکي قوم کي پنهنجي قومي هيرن ۽ قومي سورمن کان واقف ڪرايو، سيد ”سنڌوءَ جي ساڃاهه”ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن ۾ وڃايل قومي ۽ تاريخي شعور ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو مثالي ۽ شاندار ڪم ڪيو، سيد نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو پر علمي حوالي سان به اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو، سيد جا لکيل ڪتاب تاريخي حيثيت رکن ٿا. سن جهڙي پٺ تي پيل ڳوٺ ۾ 1925ع ۾ انگريزي جا ڪلاس شروع ڪرايا، نياڻين جي تعليم لاءِ خاص الڳ اسڪول، هارين ، نارين، پورهيتن لاءِ نائيٽ اسڪول قائم ڪرايائين ۽ ماڻهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو، سن ۾ 1928ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊجڻ بعد ” ڳوٺ سڌار تحريڪ ” جو بنياد وڌو ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد مهتا صدر ۽ سائين جي ايم سيد پاڻ سيڪريٽري ٿيو، اڳوڻي ضلعي ڪراچي ۾ 1928ع ڌاري ضلي لوڪل بورڊ ڪراچي جي صدر، نائب صدر ۽ تعليمي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد ڪراچي سميت جهوڪ شريف، مانجهند، سن، لاکا، لڪي، سيوهڻ، آراضي، دادو، ميهڙ، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيا.

سائين جي ايم سيد، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هو، سندس ئي ڪوششن سان يونيورسٽي قائم ٿي ، سائين جي ايم سيد 1940ع ۾ صوبائي وزير تعليم هئڻ دوران پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ٺهڻ لاءِ 24 جون 1940ع تي سيد ميران محمد شاهه جي سربراهي ۾ 15 رڪني ”سنڌ يونيورسٽي ڪاميٽي” قائم ڪئي جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، چيلمل پرسرام گلراجاڻي، ڊاڪٽر هوت چند، مولچند گربخشاڻي،  روپ چند، پِيلا رام ۽ ٻيا شامل هئا، جڏنهن ته بي جي واسواڻي ڪاميٽي جو سيڪريٽري هو، ايئن جو 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن سياسي سرگرمين تي بندش لڳائي وئي ته سائين جي ايم سيد 18 اپريل 1966ع تي ” بزمِ صوفيا سنڌ ” قائم ڪري سنڌ ۾ ثقافتي تحريڪ شروع ڪئي. سائين جي ڪوشش سان 1951ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ” مرڪزي صلاحڪاري بورڊ ” قائم ڪيو ويو، بعد ۾ ان بورڊ جي 1958ع تائين ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو، آڪٽوبر 50_1940ع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سن ۾ ذاتي خرچ تي ترسائي ” سنڌي لغت ” تي ڪم ڪرايو، 1951ع ۾ ” جامع سنڌي لغت ” جي رٿ پيش ڪئي وئي ان کي منظور ڪيو ويو،

سائين جي ايم سيد 4 مارچ 1972ع کان سنڌ جي آجپي لاءِ باقاعدا جدوجهد شروع ڪئي، سائين جي ايم سيد 88_1987ع ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) ٺاهيو، جنهن جو چيئرمين عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ممتاز علي ڀٽو، مير حيدر ٽالپر، اعجاز خان جتوئي ، آغا شاهين پٺاڻ ، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سنڌ جا سمورا مک اڳواڻ ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿيون.

سائين جي ايم سيد جهڙن عظيم ڪردارن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هو”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، وقت جي اهڙي چيخ ٿين ٿا، ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا”، جُمن دربدر چيو آهي ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو”، شيخ اياز ۽ جمن دربدر جي شاعري ۾ جرڪندڙ عظيم رهبر جي اڄ سالگرهه ملهائي پئي وڃي، پر افسوس ته وقت تيزي سان مٽنجندو پيو وڃي پر سيد جا پيروڪار هڪ پروگرام ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ نٿا ٿين، اهي لفظ لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي ته ”سيد جي سالگرهه تي مختلف پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا ڪيا ويندا”،اهي لفظ ڏاڍو ڏک ڏين ٿا، رهبر کي سندس ورسي ۽ سالگرهه تي ياد ته ڀرپور نموني سان ڪيو وڃي ٿو، ٻاهرين ملڪن سميت سڄي سنڌ ۽ سن ۾ مرڪزي تقريبون ٿين ٿيون پر هاڻي اهي ڌار ڌار جلسا نه ٿيڻ گهرجن، قوم جي ليڊرن کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو سائين جي ايم سيد جي محور سنڌ هئي، سنڌي قوم لاءِ سيد پاڻ پتوڙيو نڪي پنهنجي لاءِ، سيد سنڌ پرستي، انسان دوستي، علم دوستي، عظيم مقصد لاءِ سڄي زندگي علمي ۽ عملي پورهيو ڪيو، ان جدوجهد جي پاداش ۾ زندگيءَ جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو قيد و بند جون تڪليفون برادشت ڪيون، ان ئي سيد جا پيروڪار اڃا به جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته قوم مايوس ٿيندي، هي وقت سنڌي قوم کي مايوس ڪرڻ جو ناهي، بلڪه ليڊرشپ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو آهي جنهن سان قوم کي حق حاصل ڪرڻ جو رستو سولائي سان ملي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے