16 ہفتہ , فروری 2019

اين ايف سي ايوارڊ بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ منظور

سنڌ اسيمبليءَ ۾ نائين اين ايف سي ايوارڊ  جاي ڪرڻ بابت مهمليءَ واري رٿ منظور ڪئي وئي آهي. نائين اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي غربت ۽ ايراضيءَ واريون شقن کي شامل ڪرڻ واري رٿ کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن اهو به مطالبو ڪيوته آباديءَ واري شق گهٽائي ان ۾ غربت ۽ ايراضي واريون شقون شامل ڪيون وڃن. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ندا کهڙو پاران پيش ڪيل رٿ ۾ وفاق کان شڪايت ڪندي چيو ويو ته وفاقي حڪومت گذريل هڪ سئو ڏينهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ  کي ڪابه اوليت ڪانه ڏني، حڪومت جي اهڙي  ڪن لاٽار سبب اين ايف سي ”نو فنڊنگ ڪمنگ ڪميشن“ بڻجي ويو آهي.

سنڌ کي اين ايف سي جو جائز حصو نه ملڻ ۽  وفاق جي صوبن سان ناروا سلوڪ جو هڪ مثال ڄاتو وڃي ٿو. وفاق جي اهڙي ڪن لاٽار کي منيءَ صديءَ جو ڊگهوعرصو گذري چڪو آهي پر اڄ تائين صوبن کي پنهنجا جائز آئيني حق وٺڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪرڻي پئي آهي.

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اين ايف سي ايوارڊ سميت سنڌ جي ماڻهن کي بجلي گيس ۽ پاڻي کان محروم رکيو ويو آهي. ڳالهه رڳو ايتري هجي تڏهن به ٺيڪ پر سنڌ سان هر مسئلي ۽ مامري ۾ وفاق جو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

پاڪستان هڪ وفاق جو نالو آهي، جنهن کي هتان جي اصلوڪين، فطري قومن پنهنجي راضپي سان قبول ڪيو. ڇاڪاڻ جو وفاق، اختيارن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو امانتدار ۽ خودمختيار آهي ۽ آئيني طور تي وفاق پنهنجي صوبن جي سمورن اختيارن ۽ وسيلن جو آئيني ذميوار پڻ آهي. وفاق کي ڪنهن هڪ صوبي کي اوليت ڏيڻ ۽ ٻين ٽن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ خاص ڪري سنڌ جيڪا وسيلن سان مالا مال آهي ان سان فاتحاڻو سلوڪ ڪرڻ آئين جي سخت خلاف ورزي ليکي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو جنهن صوبي مان جيڪي وسيلي ملن ٿا، انهن وسيلن جي رائلٽي ان صوبي جو حق آهي ۽ اهي سمورا پئسا ان صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ وارين رٿائن تي خرچ ڪرڻ گهرجن ته اهو وفاق جو ڪنهن به صوبي مٿان ڪو خاص ٿورو ۽ احسان نه هوندو پر اهو عمل سندس آئيني ذميوارين جي ڪردار  جو ثبوت هوندو.

ڳالهه جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جي اچي ٿي ته وفاق وٽ ورڇ واري پول ۾ گڏ ٿيندڙ آمدنيءَ واري رقم صوبن ۾ برابري جي بنياد تي ورهائجڻ گهرجي پر ائين ٿئي ڪونه ٿو.وفاقي بيوروڪريسي جيڪا اين ايف سي ايوارڊ کي ترتيب ڏيندي آهي، ان وٽ اوليت هڪ خاص صوبي جي رهي آهي ڇاڪاڻ جو وفاقي بيورڪريسيءَ ۾ گهڻائي، اهڙن ماڻهن جي رهي آهي، جيڪي ان ئي صوبي سان لاڳاپو رکندڙ آهن جيڪي نٿا چاهين ته وفاق سگهارو ٿئي ۽ صوبا پرامن ۽ خوشحال بڻجي دنيا جي ترقيءَ واري وک ۾ وک ملائي اڳتي وڌي سگهن.

ايف اين سي ايوارڊ جي ترتيب اهڙي رکي وئي آهي جو هڪ خاص صوبي کي ايوارڊ مان گهڻو حصو حاصل ٿئي ٿو ۽ ٽي صوبا اهڙي ناڻي ورهاست سبب سخت متاثر ٿين ٿا. وفاق جي مسلسل اهڙي روش متاثر صوبن جي حڪومتن ۽ عوام ۾ محروميءَ جو احساس پيدا ڪيو آهي جيڪو ناڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن جي به اندر مان نڪري نٿو سگهي ۽ مسلسل نظرانداز ٿيندڙ ۽ متاثر صوبن جوعوام وفاق کي پنهنجي حقن مٿان ڌاڙو هڻڻ جو ذميوار سمجهي ٿو.

وقت جي نظر ايندڙ ۽ ڳجهن حڪمرانن کي وفاق کي  بچائڻ ۽ سگهارو بنائڻ لاءِ پنهنجو ايمانداراڻو ۽ آئيني ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جنهن سان صوبن  ۽ عوام وچ ۾پيدا ٿيندڙ وڇوٽين کي گهٽائي سگهجي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ وفاق  مٿان اهو به الزام هنيو ويو ته سنڌ جي حصي مان  وفاق 90 ارب رپيا ڪٽوتي ڪري سنڌ کي معاشي نقصان ڏيڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي ڪرسين تي ويٺل ميمبرن  گڏيل راءِ ذريعي اين ايف سي ايوارڊ رٿ منظور ڪئي جيڪا سنڌ اسيمبليءَ جي ويجهڙائي وارن اجلاسن ۾ پيش ٿيندڙ رٿن کان مختلف ۽ اجتماعي مفادن جي نگهباني ڪندڙ رٿ رهي آهي جنهن ۾ مڙني ميمبرن مُٺ ٿي ان رٿ کي منظور ڪري، پنهنجي سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏنو آهي.

هڪڙي پاسي مٿي بيان ڪيل وفاق جون ڪوتاهيون آهن، ته وري صوبن جون لاپرواهيون ۽ غير ذميواراڻيون روشون آهن جنهن سبب اين ايف سي ايوارڊ مان ملندڙ رقم ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪئي وڃي ٿي، اهو پڻ هڪ ڏکوئيندڙ سوال رهيو آهي. هڪڙي پاسي سنڌ سرڪار جون دانهون ته وفاق اين ايف سي ايوارڊ جو حصو صحيح نموني ادا نٿوڪري جو سنڌ پنهنجي ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪري ۽ سنڌ کي جوڳي ترقي ڏياري سگهي. ان ڏس ۾ ڏٺو ويو آهي ته سنڌ سرڪار جي وزارتن پاران ڄاڻايل ترقياتي رٿائن تي ڪوبه خرچ نه ٿيڻ سبب ڄاڻايل رٿائن بابت رکيل فنڊ ”ليپس“ ٿيندا رهيا آهن. سڄو سال سنڌ جي سرڪار ۽ حڪومتي ادارا پئسن نه هجڻ يا گهٽ هجڻ جو راڳ آلاپيندي. نئين سال جي بجيٽ آڻين ٿا، سال جي پڄاڻي تي خبر پئي ٿي ته سرڪار جي گهڻي ڀاڱي ادارن جي بجيٽ ترقياتي رٿائن تي خرچ نه ٿيڻ سبب” ليپس“ ٿي وئي آهي.

ملڪ جي عوام سرڪار کي جيڪو اختيار ڏنو آهي ۽ جيڪي ڏوڪڙ کيس امانت ۾ ڏنا ويا آهن انهن ڏوڪڙن جو جائز استعمال /خرچ ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ کي روڪي، سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي هڪ نئين سفر جي شروعات ڪري سگهجي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سهپ ۽ رواداري پيدا ڪري، هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ وارو ماحول پيدا ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم بنيادي ۽ آئيني ذميواري، وفاق، وفاقي ادارن ۽ وفاقي حڪومت مٿان لاڳو ٿئي ٿي، ته هو وفاق جي ناڻي اختيارن ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪري ملڪ ۾ هڪ ايمانداراڻو سماج اڏڻ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائيندي پهرين وک وڌائيندو ته ساڻس ٻيا صوبا به ان ڏس ۾ گڏ پنڌ ڪرڻ شروع ڪندا، جيڪو پنڌ اعلي! ماڻهپي ۽ خوشحال سماج اڏڻ واري منزل ڏانهن کين وٺي هلندو.

اربع 16 جنوري  2019ع، 9  جمادي الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنهن در دانهين سنڌڙي…….

اڳوڻو صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف زرداري ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي سياسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے