22 جمعہ , فروری 2019

ويو وڻجارو اوهري….

شهباز پيرزادو

جنهن سماج ۾ سنجيده . نظرياتي . اصولن جي پڪن . قول ۽ فعل ۾ مضبوط ۽ ذميواريون بهتر نموني سان نڀائيندڙ ماڻهن جي کوٽ هجي اتي جيڪڏهن ڪو اهڙن اصولن سان مالا مال ماڻهو موڪلائي وڃي ٿو ته سڄو سماج ماتمي جلوس جو ڏيک ڏئي ٿو جنهن ۾ هر ماڻهو سينو ڪُٽي فطرت سان احتجاج ڪري ٿو پر فطرت هر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا پنهنجا قانون ٺاهيا آهن، جن کي چاهيندي نه چاهيندي به قبول ڪرڻو پوي ٿو اهڙو ئي نه چاهيندي قبول ٿيندڙ  ڏينهن 16 جنوري 2018 به آهي جنهن ڏينهن تي هڪ ذميوار . ذهين . آدرشي ۽ باڪردار ماڻهو قربان پيرزادي جي ساهه جو پنڇي جز کان جدا ٿي ڪُل ڏانهن  اڏري ويو ۽ سندس اهڙي اڏام سچائي ايمانداري  رواداري ۽ ماڻهپي کي به روئاري وڌو .

قربان پيرزادو هڪ اهڙو انسان جنهن  پنهنجي زندگيءَ ۾  ڪڏهن  به آدرشن کي پٺي نه ڏني. سچائي جو دامن نه ڇڏيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو ڪم ڪيو جنهن تي ماڻهوءَ کي ڪنڌ جهڪائڻو پئجي وڃي .

زندگي جي ڪنهن به موڙ تي  هي مايوس نه ٿيو ڇو جو هن جيڪي به قدم کنيا اهي شعوري طور کنيا ۽ شعوري طور کنيل قدمن کانپوءِ مايوسي ويجهو ئي ڪانه ايندي آهي .

قربان پيرزادو ڪچهرين جو مور ماڻهو هو. گفتو کڻڻ جو ڏانءُ اهڙو هوندو هيس جو سموري ڪچهريءَ جو مرڪز لڳو پيو هوندو  هو ٻارن سان ويهندو ته ٻاراڻيون پر سبق سان ڀرپور ڳالهيون ڪندو،  اوطاق تي ويهندو ته سماج، سائنس، ادب، سياست، معيشت، بيروڪريسي، لطيف ۽ سچل سائين سندس ڪچهرين جا موضوع هوندا . هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهوءَ سان ان جي ذهنيت مطابق ڪچهري ڪرڻ جو تمام وڏو ڏانءُ هوندو هيس.

آئون جڏهن ننڍو هوندو هيس ته قربان صاحب پنهنجي ننڍپڻ جا تجربا ٻڌائيندا هو. جڏهن ڪتاب پڙهڻ لڳاسين ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي دور جو ادبي سفر سمجهائيندو هيو. مطلب پنهنجيون ۽ پنهنجي دور جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندو به هيو ۽ اڻ سڌي طرح اها تلقين به ڪندو هيو ته هنن شين کي ڌيان ۾ رکو . ادب جي دنيا جو ذڪر نڪرندو هيو ته بابا قربان چوندو هو ته اڄڪلهه سڀڪو صاحب ڪتاب ٿيڻ جي چڪر ۾ اچي ويو آهي! مطالعو گهٽجي پيو جڏهن ته اشاعت ڏينهون ڏينهن وڌي پئي. ان ڳالهه مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن اسان کي پنهنجي سماج جي حالت مطابق مطالعو وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ تڪڙي اشاعت کان پرهيز ڪرڻ جو به چيو .

ڏسو سادن لفظن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالهه سمجهائڻ جو هنر رکندڙ هيو قربان پيرزادو .ها قربان پيرزادو اهو ماڻهو هيو جنهن جي نظر هڪ ئي وقت بدلجندڙ  سماجي ۽ عالمي حالتن تي هئي. هو پنهنجي ڳالهه دنيا  جي حالتن سان ڀيٽڻ بعد پيش ڪندو هيو، ڪڏهن به غلط بياني نه ڪندو۔ جيڪڏهن ڪا ڳالهه سندس مطالعي هيٺ آيل نه هوندي ته اهو چوڻ ۾ به نه لهرائيندو ته منهنجي اها شئي پڙهيل ناهي . هڪ دفعي امر جليل صاحب پنهنجي پروگرام ۾ شهيد هوش محمد شيدي کي ”هٿ جو ٺاهيل هيرو ڄاڻايو“ شام تي بابا قربان صاحب سان ڪچهري ٿي. مون کيس چيو امر جليل پنهنجن ڳالهين تان پاڻ ڦري رهيو آهي. هن ڪنهن زماني ۾ ”هوشو شيدي جي آخري شام“ نالي ڪهاڻي لکي هئي. ترت پڇيائين ته  اهو ڪتاب اوهان وٽ آهي جنهن ۾ اها ڪهاڻي شايع ٿيل آهي مون هائو ڪئي ۽ بابا صاحب مونکان ڪتاب وٺي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهيو .

اهو شين جي تهه تائين پهچڻ جو عشق هيو جيڪو بابا صاحب جي من ۾ آخر تائين موجود هيو ڇو جو هو پاڻ مشاهداتي ماڻهو هيو. ڳالهيون ٻڌندو هيو پر راءِ تڏهن ڏيندو هيو جڏهن پاڻ ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه بابت پڙهيو هوندائين،  نه پڙهڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڳالهه زبردستي نه مڃرائيندو هو البته ايترو ضرور چوندو هيو ته ان معاملي  بابت پڙهي پوءِ ڪچهري ڪبي .

قربان پيرزادو هڪ شاگرد کان وٺي انفارميشن جي آفيسر تائين سچائي ۽ مخلصيءَ کي پاڻ ساڻ کڻندو هليو .  هن وٽ پنهنجي دوستن عزيزن جو وڏو مان هوندو هيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ماڻهن جي وس آهر مدد به ڪئي، ڪامريڊ گلاب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن ڪامريڊن تي لٺ پئي وسي اسين سڀ جيل ۾ هئاسين، ڪير اسان جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو اتي قربان صاحب نوڪريءَ  جي پرواهه نه ڪندي سرڪاري گاڏين تي اسان سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هيو ۽ ضرورت جو سامان به مهيا ڪندو هيو. .

سنڌي، اردو، سرائڪي  ۽ انگريزي ٻولي جا ادبي ڪتاب قربان صاحب دلچسپيءَ سان پڙهندو هيو هن جي دل ۾ ٻولين ۽ قومن لاءِ ڪابه نفرت نه هئي. چوندو هو ته دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.سڀني ٻولين جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي. جيترو ٿي سگهي انهن ٻولين کي پڙهجي ۽ انهن سان ويجهڙائي ڪجي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻوليءَ کي نظرانداز ڪنداسون ته معني اسان هڪ قوم جي قومي حيثيت کي پٺي ڏني سين . سو جيڪڏهن پنهنجي قومي تشخص جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ٻين قومن جو به پاڻ جيترو قدر ڪريو ..

تعليمي ۽ شعوري يافته ماڻهو سماج جي هر فرد کي تعليم يافته ڏسڻ چاهيندو آهي اهڙي ئي خواهش قربان پيرزادي جي به هئي. هو چاهيندو هيو ته هر ماڻهو لکي پڙهي تعليم يافته ٿئي .مرد توڙي عورت ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪا به اڻ برابري نه هجڻ گهرجي . تعليم ئي آهي جيڪا انسان کي بهتر رستي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ جهالت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي .

قربان پيرزادو پنهنجي خاندان جو پهريون نوجوان هيو،  جيڪو يونيورسٽي جي اعليٰ تعليم پرائي نوڪري جي تمام وڏي عهدي تي رسيو.  هن جو تعلق غريب گهراڻي سان هيو تنهن باوجود به هن همٿ نه هاري. پڙهائي سان اهڙو پيچ پاتو جنهن پيچ جو ٽٽڻ ناممڪن ٿي پيو .

تاريخ شاهد آهي ته اڪيلا ماڻهو سماجن کي تبديل ڪندا رهيا آهن  ۽ انهن جي پيدا ڪيل تبديلي منجهان نسلن جا نسل فائدو وٺندا آهن. قربان پيرزادي جيڪا تعليم جي لاٽ ٻاري ان لاٽ منجهان اڄ سندس اولاد سميت پورو خاندان فائدو وٺي رهيو آهي.  سندس چارئي پٽ اعلي تعليمي يافته آهن ۽ پنهنجي والد وانگر تعليم جي ميدان ۾ شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلن ۾ انهن جي ممڪن  مدد ڪندا آهن. اها قربان صاحب جي ٺاهيل تعليمي واٽ آهي جيڪا سندس گهر کان سندس ويڙهي تائين منتقل ٿيندي پئي اچي ۽ ان سڄي منتقليءَ پٺيان ڪٿي نه ڪٿي سڌي يا اڻ سڌي طرح قربان پيرزادي جو وڏو ڪردار آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي .

نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾

ٻري جن ٻاري آئون نه جيئندي ان ريءَ

قربان پيرزادي ڪڏهن به نه ڪن چيرايو ۽ نه ئي گيڙو اوڍيو پر پوءِ به هو تصوف جو پرچارڪ هيو  . انتهاپسنداڻي سوچ جي هميشه مخالفت ڪيائين  ۽ انسان جي بنيادي آزادي واري فلسفي تي يقين رکندڙ هيو .  جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪبو. درگذر ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏبو . اسان سميت هر نوجوان کي اها هدايت ڪندو رهيو ته شين جو جائزو سهپ مان وٺندا ته وڏيون ڳالهيون به ننڍڙيون نظر اينديون.  پر جيڪڏهن جذباتيت جي بنياد تي فيصلا ڪبا ته ننڍڙين ڳالهين تي به وڏو معاملو اٿي سگهي ٿو .

سندس فقيراڻي مزاج جي اها نشاني آهي ته پاڻ بيماري جي بستر تي پنهنجي دوستن جهڙي وڏي پٽ ڀائو حسن علي کي هدايت ڪيائين ته منهنجو وڇوڙي تي غم نه ڪجو ڇو جو  وڇوڙو ئي ميلاپ آهي .اوهان مونکي فقيري انداز سان لحد ۾ لاهجو.  قربان صاحب جي چاليهي تي صوفي فقيرن جي سنگ سان سچل جي ڪلامن جي سرگم تي ڀائو حسن رقص ڪندو شاهه جمال جي ميدان تائين آيو ۽ والد جي مزار تي چادر چاڙهيائين، اهو منظر انتهائي حساس ۽ ڏوکوئيندڙ هيو، هر اک آلي هئي .هڪ طرف قربان صاحب جي وڇوڙي جو ڏک هو ٻئي پاسي ڄڻ سندس ڪُل سان ملاقات جو جشن به هيو جيڪا سندس وصيعت به هئي جنهن جو پوراءُ ان جي گهر ڀاتين ان انداز ۾ ئي ڪيو جيڪو هن چاهيو .

بيشڪ هن ڌرتيءَ جي گولي تي اهڙن انمول ماڻهن جي کوٽ آهي جيڪي پاڻ کي هٿرادو جوڙيل نظام جي ويجهو ڏسڻ نٿا چاهين ۽ سندن اصول ئي سندن زندگيءَ جو طريقڪار آهن. بابا قربان پڄاڻان سندس هر دوست ۽عزيز ڏکارو آهي. ڇو جو هن جي شفقت ڀريو هٿ هر ماڻهو مٿان رهيو، سڀڪو هن کي پنهنجو يار سمجهندو هيو هڪ ئي ملاقات ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربان پيرزادي جي محبتن جي ڪڙن ۾ قيد نه ٿيو ته ڄڻ ملاقات ئي نه ٿي! اها هن جي خاصيت هئي .

پر بابا صاحب جو وڇوڙو هڪ تقاضا به ڪري ٿو ۽  هڪ پيغام کي عام ڪرڻ جي نصيحت به ڪري ٿو. اهو پيغام سندس آدرشن سان سرشار پيغام آهي، اهو پيغام جنهن منجهه لالچ لوڀ ناهي، اهو پيغام جنهن ۾ لطيفات آهي، اهو پيغام جنهن منجهه ذاتي خواهشن کان مٿي مجموعي مفاد آهن.  اهو پيغام جنهن ۾ رواداري سهپ ۽ پريتڻو آهي .

اچو ته ان قربان صاحب جي پيغام کي عام ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪيون .

کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛

عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛

ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛

سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.

______

مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛

رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛

تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے