22 جمعہ , فروری 2019

عورت- اڌ ڪائنات جي اذيتن ڀري ڪهاڻي

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

مون هن ڪالم ۾ واري وٽيءَ سان سنڌ کي درپيش مسئلن بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ۽ اڃا اهڙن موضوعن تي به ڳالهائيندس، جن تي ويچار ونڊڻ ۾ اسان وڏيءَ ڪنجوسائيءَ جو مظاهرو ڪيوآهي. مثال طور اسان ” مذهب“ تي نه ڳالهائيندا آهيون، پر ان بابت ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ کي ايمان جو لازمي  شرط سمجهندا آهيون. اسان جي اهڙي خاموشيءَ مذهب جي غلط تشريح ڪرڻ وارن کي موقعو ڏنو، جنهن ڪري هنن پنهنجي من پسند روين ۽ رسمن کي اسان جي دين جو حصو بڻائي  ڇڏيو. اهڙي نموني”سياست“ تي اڳ اسان کي منهن کولڻ نه ڏنو ويو، پر هاڻي ماڻهو ڳالهائن ٿا، وڏي عرصي جي خاموشيءَ سياست ۾ جيڪي آمراڻا ۽ سخت گير رويا پيدا ڪيا، انهن کي ختم ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو.

”عورت-ذات“ به اهڙو موضوع آهي، جنهن تي اسان کُليءَ طرح مختلف زاوين کي ذهن ۾ رکي ڪونه ڳالهايو آهي. ”عورت – ذات“ جو تشخص، حيثيت ۽ عمل دخل به هڪ اهم مسئلو آهي. اڄ جي سنڌ جي عورت پنهنجي خود-داريءَ،لياقتن ۽ سگهه صلاحيت نه سان سنڌي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. پر ان جي سورن جي مذڪورن،  ذهني ۽ فڪري صلاحيتن ۽ مثبت تبديلي آڻڻ واري عمل ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن کي ڌيان ۾ رکي سنڌي معاشري ۾ مرد ۽ عورتن جي واسطن ۽ لاڳاپن تي نئين سماجي معادي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان انهيءَ حوالي سان ٻوڙو ٻڌي آچار نه ڪيو ته مرد پنهنجي منهن سان ۽ عورت پنهنجي حساب سان پر ڪنهن رابطي، تسلسل ۽ افهام تفهيم کان سواءِ سماجي ڪردار ادا ڪندا. انهن الڳ الڳ قوتن کي ملي هڪ طاقت کي جنم ڏيڻو آهي. هونئن نه ته حالتون ائين ئي رهنديون،جيڪي صدين کان جاري آهن.

اها وڏي کان وڏي سچائي آهي ته سنڌي معاشرو صدين کان وٺي ”مرد- معاشرو رهيو آهي، جنهن ۾ عورت کي اٽي ۾ لوڻ برابر به عمل دخل، اختيار ۽ حيثيت نه ڏني وئي آهي. سنڌي معاشري ۾ عورت کي ”انسان“ کان وڌيڪ ”ملڪيت“ جو درجو ئي ڏنو ويو آهي. مرد جي حڪمراني مڃڻ کي سندس لاءِ جهڙوڪ ديني فرض  ۽ معاشري جي سونهن بڻايو ويو آهي. ”غيرت“ جي مارشلائي  آرڊيننس سان عورت- ذات کي وڌيڪ پابند ۽ غلام رکڻ جو سعيو ڪيو ويو آهي. اسان چوندا آهيون ته ”ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏيڻ مڙسن جو ڪم آهي“ ڀلي انهيءَ ڊاڙ جون ٻيون مثبت تشريحون به هجن، پر اهو به ته ظاهر ٿئي ٿو ته جيئن اسين ٻنيءَ کي مليڪت ڄاڻون ٿا، تيئن ونيءَ کي به ملڪيت تصور ڪريون ٿا. سنڌي معاشري ۾ عورت- ذات جي جيڪا عزت آهي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته گارگند ڏيڻ ۾ اسان عورت کي ئي نشانو بڻائيندا آهيون. ان ڪري گار ڏيڻ وقت ماءُ، ڀيڻ ۽ زال جا رشتا ذهن ۽ زبان تي رکندا آهيون. هن جي معنيٰ  هيءَ ٿي ته اسان جي معاشري ۾ ماءُ ڀيڻ ۽ زال جا مقصد رشتا متعبر ۽ محفوظ نه ٿا ڄاتا وڃن. وڙهن سانهه ۽ لتاڙجڻ ٻوڙا مصداق مرد وڙهندا ته گاريون عورتن کي ڏيندا.

ست سورميون سنڌي شاعريءَ ۽ تصوف ۾ لافاني قدرن جا پرچاري آدرش ۽ مثال آهن. مارئي جي وطن دوستي قيامت تائين مثال رهندي. نوريءَ جو نياز صدين تائين زبانن تي رهندو. سسئي جو ور لاءِ جاکوڙ ۽ حق لاءِ جستجو سدائين مثال رهندو. سهڻي جي معاشري سان بعاوت هميشه ياد رکي ويندي. ليلان جو ليلائڻ ۽ مومل جو ٻاڏائڻ ڪنهن کان ڪونه وسرندو. پر انهن ستن سورمين جي اڪثريت سان اسان ڇا ڪيو؟ انهن روين ۽ زيادتين سان  عورتن جا جيڪي روح رنجايا، اهي ڇو ٿا وساري ويهون؟ سهڻي کي ٻوڙي ماريوسين، مومل کي ساڙي ماريوسين، سسئي کي رولي رولي ماريوسين. مايون ماري يا ڌڪاري، پوءِ انهن جي موت پڄاڻان کين سورمين طور ياد ڪرڻ جي شروعات ڪئي سين.

سنڌي معاشري ۾ عورت صدين کان وٺي اهي سور ڏسندي ۽ سهندي آئي آهي. مرد-ذات هن سان ڏاڍي منافقي ۽ زيادتي ڪئي آهي. پاڻ کي غيرتمند چوندڙ  مردن اقتدار جي ڪرسي بچائڻ لاءِ، يا ملڪيت بچائڻ لاءِ عورت جي ئي قرباني ڏني آهي. سنڌ جي حڪمرانن پنهنجون حڪومتون بچائڻ لاءِ پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن جا سڱ ڌارين کي نڪاح ۾ آڻڻ جي آڇ ڪئي، اها اسان جي مردن جي غيرت منديءَ جي انوکي تاريخ آهي.

لاکيڻي لطيف ۽ ٻين معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي جاکوڙي شاعري ستن سورمين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ مرڪزي ڪردار ڏنو  ۽ انهن جي تمثيل ۾ سنڌ جي وڃايل لافاني قدرن ۽ نظرين کي ٻيهر ڳولهڻ ۽ ماڻهن ۾ انهن کي مانوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، کين خبر هئي ته ماءُ جي گود انسان جو پهريون درس گاهه ٿيندو آهي. ماءُ جي لولي اسان کي ٻولي سيکاري ٿي ۽ ان جي تربيت اولاد جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ سماجي ۽ انساني ضرورتن مطابق رنگ ڀري ٿي. انهن اسان کي هي اصول سماجي ۽ انساني ضورتن مطابق رنگ ڀري ٿي. انهن اسان کي هي اصول ٺاهي ڏنو ته عورت ذات جي ڀر وٺو، کيس علم ۽ دانش سان مالا مال ڪيو. پوءِ ڀلي ماءُ پٽ ڌيئون ڄڻي ۽ ڀلي ڀاڳ ونڊي نه ڏئي، پر انسان جي ۽ اهڙيءَ ريت تربيت ۽ پالنا ڪندي جيڪي سرويچ ٿي سگهندا، حق دوست ٿي سگهندا ۽ معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻيندا، پر اسان عورت ذات کي اهو  ۽ اهڙو مقام ڪٿي ڏنو آهي. اسان هن جي اکين کي صدين کان آلو رکيو آهي ۽ جڏهن ڪنهن انسان جي اکين ۾ پاڻي هوندو آهي ته ان کي فقط ڌنڌلا  عڪس ئي ڏسڻ ۾ ايندا. پوءِ هن کي جيڪو نظر آيو، سندس عمل ۽ ردعمل ان مطابق ئي هوندو.

سنڌ ۾ مرد به ماريا وڃن ٿا، پر زاري ڇو ته ”ڪاري“ عورت جا انگ انهن ماريل مردن کان ٻيڻا ٽيڻا آهن. ڪيتريون بي گناهه عورتون ان ڪري ماريون وڃن ٿيون ته انهن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻو آهي، ڪن هنڌن تي ڪا ڪرڙ وڍ مائي ڪاري ڪري، ان ڪري ماري وڃي ٿي ته ڪنهن سادي دولتمند تي ڪوڙو الزام هڻي ان کي بليڪ ميل ڪيو وڃي. ڪا نينگري ان ڪري ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي ته هن کان ”ڏٺ تي ور ۽ گهر چونڊڻ“ جو حق کسيو ويو ۽ هن جديد دوري جي سهڻي بڻجي گهر کي ڇڏيو. ڪا سهڻي ڇوڪري ان ڪري مارائي وڃي ٿي هن موجود دور جي مارئي ٿيڻ جي همت ڪئي ۽ اڄ جو ڏاڍو ڪلهه جي عمر جهڙو ثابت نه ٿيو.

بلاشڪ اڄ جي سنڌي عورت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي، پر سندن سورن جا مذڪور ساڳيا آهن. کيس پوءِ به برابريءَ جي بنياد تي سماج جو اهم ڪردار نه ٿو ڄاتو وڃي. ان ئي ڪري هڪ اڻ اعلانيل ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي ٻنهي ڌرين ۾ موجود آهي. هي وقت آهي جڏهن اسان ڪيترن مسئلن ۽ مونجهارن تي ڳالهايون ٿا، ته سنڌي سماج ۾ مرد ۽ عورت جي حقن، فرضن ۽ لاڳاپن تي هڪ ”نئين سماجي معاهدي“ تي ڪم ڪيون. مرد فقط پنهنجي طرفان عائد ڪيل ”فرضن“ جي ڳالهه نه ڪن ۽ عورتون فقط پنهنجي حقن جي جاکوڙ نه ڪن. پر ايندڙ نسلن لاءِ ڪو دڳ ۽ ڪو نظريو جوڙي وٺن. ان لاءِ ضروري آهي ته مرد خواهه عورت جي حقن ۽ فرضن تي ٻئي ڌريون ڳالهائن، في الحال اها سچائي مرد ذات کي قبول ڪرڻ گهرجي ته سندس معاشري ۾ عورت ذات صدين کان اذيتن ۾ آهي. هن جيڪڏهن عورت کي جائز ۽ برابريءَ وارا حق نه ڏنا، ته پوءِ عورت- ذات پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا اپاءَ وٺندي ۽ اهڙا قدم کڻندي، جيڪي مرد ذات جي پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي سگهندا. اها عورت، جيڪا ماءُ جي روپ ۾ آهي ته جنت سندس پيرن هيٺان آهي، زال آهي ته دک درد جي ڀائيوار آهي، ڌيءُ آهي ته اکين جو نور آهي ۽ ڀيڻ آهي ته شرم ۽ حيا جو مجسمو آهي، ان کي سچي نموني سان اها حيثيت به ملڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے